سپريم ڪورٽ آرٽيڪل ۱۸۴ تحت واضح ڪري ڇڏيو ته وزيراعظم کي عهدي تان نٿو هٽائي سگهجي: راجا ظفر الحق


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ٦۰   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفر الحق چيو آهي ته سينيٽ اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو درست نه آهي، عدالت سمجهي ها ته چئي سگهي ها ته وزيراعظم عهدو ڇڏي ڏي، سپريم ڪورٽ آرٽيڪل ۱۸۴ تحت واضح ڪري ڇڏيو ته وزيراعظم کي عهدي تان نٿو هٽائي سگهجي. هن جمعي ڏينهن پارليامنيٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مخالف ڌر مايوسي جو شڪار ٿي وئي آهي، اسان پارليامينٽ ۾ ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿي پر چيئرمين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ۲۰۱۳ع جي چونڊن ۾ اهڙي ئي بي چيني جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ هي حرڪتون آئنده به انهن جي شڪست جو سبب بڻجنديون، هن چيو ته پيپلزپارٽي سينيٽ ۾ جي آءِ ٽي کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي فيصلي سان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته آئين جو آرٽيڪل ۱۸۴ وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ جي اجازت نٿو ڏي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عدالت گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو، وزيراعظم جا وڪيل به ان ٽيم کي جواب ڏئي سگهن ٿا، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هتي هڪ صاحب چيو ته عدالتون نواز شريف جي خلاف ڪڏهن به فيصلو نه ڏينديون. ان جو مطلب آهي ته هو به سمجهن ٿا ته عدالتي فيصلو نواز شريف جي حق ۾ آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف عدالت مان سرخرو ٿي ويو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضروري نه آهي ته وزيراعظم مستعفي ٿي جاچ ٽيم جي سامهون پيش ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پهرين به عمران خان رستن تي آيو ته ڇا ٿيو، هو هاڻي به پنهنجو شوق پورو ڪري وٺي.