سعودي عرب ۽ پاڪستان آزمائش جي هر گهڙي ۾ سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي: نواز شريف


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۷٦   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته منهنجي حڪومت حاجي سڳورن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، گذريل سال حج انتظام اطمينان بخش رهيا، جمعي ڏينهن هتي سعودي عرب جي لاءِ نامزد سفير وائيس ايڊمرل (ر) خان هشام سان ڳالهائيندي وزيراعظم حج دوران پاڪستاني حاجين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندي کيس هدايت ڪئي ته هو آئنده حج جي لاءِ انتظامن جي ذاتي نگراني ڪري، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل مفادن جي سمورن معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، هن چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان آزمائش جي هر گهڙي ۾ سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو، پاڪستان جي عوام سعودي عرب سان جذباتي وابستگي رکي ٿي جيڪا الحرمين الشريفين جي محافظ آهي، هن چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڀلائي خاص طور تي ان لاءِ قونصلر سروسز جي رسائي تي ڌيان ڏنو وڃي، هن سفير کي چيو ته هو پاڪستاني برادري سان باقاعده رابطو رکي ۽ انهن جي مسئلن کي بروقت حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري، وزيراعظم چيو ته وڏي تعداد ۾ پاڪستاني پورهيت سعودي عرب ۾ روزگار ڪمائي رهيا آهن جنهن کي هر سهولت ملڻ گهرجي، هن سفير کي چيو ته هو پرڏيهي ملڪ پاڪستانين جي فلاح جي لاءِ انتهائي شوق سان ڪم ڪري ۽ خاص طور تي انهن جي ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏي.