اسلام آباد: اياز صادق جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد ايران روانو


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ هڪ ۱۰ رڪني پارلياماني وفد ۴ ڏينهن جي دوري تي جمعي ڏينهن ايران روانو ٿي ويو. وفد ۲۱ کان ۲۵ اپريل ۲۰۱۷ع تائين ايران جو دورو ڪري رهيو آهي. وفد ايران ۾ پنهنجي قيام دوران ايراني قيادت ۽ مجلس شوريٰ اسلامي جي اسپيڪر ۽ ٻين ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وفد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبر خيال زمان، علي گوهر خان مهر، غلام بي بي ڀروانه، سيد عاشق حسين شاهه، نديم عباس، نجف عباس خان سيال، محمد شهباز بابر چوڌري، ثمن سلطانه جعفري ۽ سيد اياز علي شاهه شيرازي شامل آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پرڏيهي دوري دوران ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي وقتي اسپيڪر جا فرض سرانجام ڏيندو.