شاهه رخ خان منهنجو پسنديده اداڪار آهي: انوشڪا شرما


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳٦   ممبٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره انوشڪا شرما چيو آهي ته شاهه رخ خان منهنجو پسنديده اداڪار آهي، ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪاره انوشڪا شرما چيو آهي ته هو ڪنهن به موضوع تي ڳالهائي سگهي ٿو، ڇو جو هو تمام گهڻو مطالعو ڪندو آهي ۽ اها ئي اها خاصيت آهي ته جيڪا ٻين ساٿي اسٽارز ۾ ناهي، اسان جي وچ ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، هن چيو ته امتياز علي جي فلم ”رولا“ مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهي، فلم ۱۱ آگسٽ تي رليز ڪئي ويندي.