بلوچستان جا ۵۰۰ کان وڌيڪ باغي هٿيار ڦٽو ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي ويا


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۷   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئيٽا: بلوچستان جا ۵۰۰ کان وڌيڪ باغي هٿيار ڦٽو ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي ويا آهن، ڪوئيٽا ۾ هٿيار ڦٽو ڪرڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري ۽ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽينٽ جنرل عامر نظير شامل هئا. تقريب ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ۵۰۰ کان وڌيڪ باغين هٿيار ڦٽو ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي ويا. سندن چوڻ هو ته اسان کي بلوچستان جي آزادي جو جواز ڄاڻائي ورغلايو ويو، پاڪستان اسان جو ملڪ آهي ۽ بلوچ قوم محب الوطن آهي، اسان پاڪ فوج، ايف سي ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، جن اسان کي عزت ڏني.