سپريم ڪورٽ جو تاريخي فيصلو هميشا ياد رهندو: حنيف صديقي


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۸   حيدرآباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   منصور مري  : حيدرآباد: پاناما ليڪس فيصلو اچڻ کانپوءِ مسلم ليگ ن ضلعي حيدرآباد پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون شڪراني جا نفل ادا ڪيا ويا، شڪراني جا نفل ادا ڪرڻ کانپوءِ ن ليگ ضلعي حيدرآباد جي صدر حنيف صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ جو تاريخي فيصلو هميشا ياد رهندو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ کانپوءِ مخالفن جون ننڍون حرام ٿي ويون آهن، پاناما ليڪس فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کانپوءِ به ن ليگ جي حڪومت قائم آهي، ن ليگ سرخرو رهي آهي، وزير اعظم نواز شريف تي الزام هڻندڙ مايوس ٿي ويا آهن. ۰۰۲