حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳٦   حيدرآباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   منصور مري  : حيدرآباد: انصاف جي حاصلات لاءِ مختلف ڌرين پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويو، تعليم کاتي ميرپورخاص جي آفيسرن پاران جبري برطرف ڪيل پٽيوالي شاهد علي سوڍر نوڪري تي بحال نه ٿيڻ خلاف احتجاج جاري رکيو، هن الزام هنيو ته تعليم کاتي ميرپورخاص جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ ان جي عملي غيرقانوني طور جبري رٽائر ڪري ڇڏيو، جنهن سبب هو بيروزگار ٿي ويو آهي، قاضي احمد جي ڳوٺ شڪل خان چانڊيو جي رهواسي پ پ پ جيالي ڪالو خان چانڊيو ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف احتجاج جاري رکيو، هن چيو ته سندن ڳوٺ جا سمورا ماڻهو پ پ جا ووٽر آهن، پر هن وقت تائين هنن جي ڳوٺ ۾ بجلي، گئس ۽ اسڪول سميت ڪا به بنيادي سهولت ناهي ڏني وئي، معذورن جي تنظيم اسپيشل سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران سرڪاري نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف undefined٦٦ ڏينهن به احتجاج جاري رکيو، هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندن مسئلن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. خيرپور گنبوهه سب ڊويزن جي آبادگارن جي احتجاج جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، آبادگارن پاران هٿرادو پاڻي کوٽ خلاف چوٿين ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ آبادگار ايسوسيئيشن ۽ سب ڊويزن خيرپور گنبوهه جي اڳواڻن فياض حسين راشدي، طارق محمود آرائين، محمد علي لسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته روهڙي ڪئنال جي آخري ڊويزن نصير جي سب ڊويزن خيرپور گنبوهه ۾ زمينون آباد ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اسان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به ترسي رهيا آهيون، زمين جو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري علائقي واسي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جانور مري رهيا آهن، فصل تباهه ٿي ويا آهن، هنن چيو ته هر سال آبپاشي کاتي جا ڪامورا ڪو نه ڪو بهانو ڪري مئي، جون ۽ جولاءِ مهينن ۾ زرعي پاڻي بند ڪري تنگ ڪيو ويندو آهي ۽ هاڻي به اهو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪامورن جي اهڙي ڏاڍ مڙسي سبب خيرپو گنبوهه سب ڊويزن ۾ زراعت تباهي جي ڪنڌيءَ تي پهچي ويئي آهي، جنهن ڪري سندن گذر سفر ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هنن چيو ته هر سال ڪامورا واهن جي ريپيئرنگ لاءِ ايندڙ مينٽيننس فنڊ به پاڻ ۾ ورهائي کائي ويندا آهن ۽ سندن پاڻي به بند ڪري مٿي جي آبادگارن کي پئسن تي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا ۽ مرمت نه ٿيڻ ڪري مين روهڙي ڪئنال ۽ انهيءَ مان نڪرندڙ واهه مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري کين سيزن ۾ به ڪافي پريشاني ٿيندي آهي. هن وقت به مين روهڙي ڪئنال کي رپيئرنگ جي نالي تي بند ڪري سندن پاڻي بند ڪيو ويو آهي. هوڏانهن قمبراڻي برادري پاران نوجوان جي گمشدگي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، قمبراڻي برادري طرفان عرس شيدي، سليم شيدي، بابر شيدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نوجوان هوشو شيدي جي پيءُ عرس شيدي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوجوان هوشو شيدي کي هڪ مهينو اڳ کنڀي گم ڪيو ويو هو، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، هنن چيو ته نوجوان جي کنڀجڻ ۽ گم ٿيڻ جو حد جي پوليس وٽ ڪيس به داخل ڪرايو آهي پر پوليس نوجوان جي آزاديءَ لاءِ ڪو به ڪردار ادا ناهي ڪري رهي، هنن چيو ته سندن نوجوان بيگناهه هو، جيڪو سبزي منڊي حيدرآباد ۾ مزدوري ڪندو هو، هو ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سندن نوجوان کي فوري طور تي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي پاسي قاسم آباد جي ڀٽائي نگر واري علائقي ۾ قتل ٿيل نوجوان اڪبر ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن ۽ ميمڻ اتحاد سنڌ طرفان شهباز بلڊنگ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، قاسم آباد جي ڀٽائي نگر واري علائقي ۾ هڪ مهينو اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان اڪبر ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ سنڌ ميمڻ اتحاد طرفان عبدالرزاق ميمڻ، حسين ميمڻ، جگنو ميمڻ، اياز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي شهباز بلڊنگ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا، شهباز بلڊنگ سامهون احتجاج دوران روڊ بلاڪ ڪري قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي وارثن ۽ ميمڻ برداري جي ماڻهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار آفتاب برهماڻي، اشفاق برهماڻي ۽ ٻين گوليون هڻي سندس نوجوان اڪبر ميمڻ کي قتل ڪيو، جنهن جي اڄ ۲۱ اپريل تي شادي ٿيڻي هئي، هنن چيو ته نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود ڀٽائي نگر پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، جڏهن ته حڪومتي نمائندا به بااثر جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان اڪبر ميمڻ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن پختونخواهه ملي عوامي پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران مردان يونيورسٽي جي شاگرد مشعال خان جي قتل واري واقعي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي صوبائي سينيئر نائب صدر سليم خان ترين، سعيد اڪبر، امتياز خان ۽ ٻين چيو ته ڪنهن هڪ بيگناهه شخص جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، مشعال خان جي قتل واري واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي، هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏئي اهڙن واقعن کي روڪيو وڃي. حيدرآباد جي علائقي رشي گهاٽ ڪچي آبادي جي رهواسين ضلعي انتظاميا پاران ناجائز اڏاوتون قرار ڏئي گهر ڊاهڻ جي ڪوشش خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مير بالاچ خان، انور لوڌي، شفيق انصاري ۽ ٻين چيو ته ضلعي انتظاميا عدالتي حڪم جي آڙ ۾ غير قانوني طريقي سان سندن گهر ڊاهي پٽ ڪري رهي آهي، هنن چيو ته ڄاڻايل علائقي ۾ اوقاف کاتي پاران ۱۹٦۲ع ۾ نيلام ٿيل پلاٽ الاٽ ڪرايا ويا هئا، جڏهن ته ڪجهه پلاٽ بلديا حيدرآباد الاٽ ڪري مالڪاڻا حق ڏنا هئا، هنن چيو ته ضلعي انتظاميا ڄاڻايل زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ بهانا بڻائي سندن گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ چاهي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته ضلعي انتظاميا جي غير قانوني ڪارروائي جو نوٽيس وٺي رهواسين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ۰۰۲