پيپلز پارٽي سنڌ پاران گو نواز گو تحريڪ هلائڻ جو اعلان


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۹   ڪراچي   پرنٽ ڪيو
نثار کھڙو(فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: پيپلز پارٽي وزيراعظم نوازشريف خلاف گو نواز گو تحريڪ شروع ڪرڻ ۽ ۲۳ اپريل تي سموري سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاجي ڌرڻا ڏيڻ ۽ ۲٦ اپريل تي ڪراچي ۾ ڌرڻو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اهو اعلان پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي پ پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، سعيد غني، شهلا رضا ۽ راشد رباني به موجود هئا. نثار احمد کهڙي چيو ته جي آءِ ٽي جوابدارن خلاف وڌيڪ جاچ لاءِ جوڙي ويندي آهي ۽ پاناما ڪيس ۾ عدالت پاران جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم وزيراعظم نواز شريف کي جوابدار قرار ڏئي ڪري چارج شيٽ لاڳو ڪرڻ جي برابر آهي، هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف پارليامينٽ ۾ تقرير ۽ قوم کي خطاب ۾ الڳ الڳ موقف رکي ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ اهو امين ۽ صادق ناهي رهيو، ان لاءِ نوازشريف اخلاقي طور تي وزيراعظم جي عهدي تي رهڻ جو جواز وڃائي چڪو آهي، اسان مطالبو ڪيون ٿا ته وزيراعظم نوازشريف فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي ڪري جاچ کي منهن ڏئي، هن چيو ته قوم پاناما فيصلي جو هڪ سال تائين انتظار ڪيو ته عدالت عوام کي راهه نجات ڏياريندي پر عدالتي فيصلي عوام کي مايوس ڪيو آهي ۽ عوام کي فيصلي کان ڪجهه حاصل ناهي ٿيو، نثار کهڙي چيو ته عدالت هڪ سال ۾ به وزيراعظم کي طلب ڪري ڪجهه پڇڻ به مناسب ناهي سمجهيو ۽ هاڻي ماتحت آفيسرن کان وزيراعظم جي جاچ ڪرائڻ ان کي ڀڄڻ جو موقعو ڏيڻ برابر آهي، هن چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر ٿيڻ گهرجي پر سپريم ڪورٽ هميشه ن ليگ لاءِ هلڪو هٿ رکيو آهي، جڏهن ته ماضي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ڪرپشن الزام تحت ختم ڪيو ويو هو، هن چيو ته عدالت پاناما ڪيس فيصلي ۾ وزيراعظم کي نااهل نه ڪري عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ۲ سينيئر ججن وزيراعظم کي امين صادق قرار ناهي ڏنو ۽ ۳ ججن به اهو ناهي چيو ته اهو امين صادق آهي، ان لاءِ نوازشريف وزيراعظم جي عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي، ان ڪري اهو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ استعيفيٰ ڏيڻ تائين نوازشريف تي دٻاءُ وڌائينداسين ۽ جيسيتائين هو استعيفيٰ نه ڏيندو تيسيتائين سنڌ ۾ هر جاءِ تي احتجاج ڪنداسين ۽ سنڌ جي هر علائقي کان وٺي صوبائي سطح تائين گو نواز گو ڌرڻا هنيا ويندا، هن چيو ته سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، پاڻي ۽ گيس جي عدم فراهمي جو ذميوار وزيراعظم آهي، ان لاءِ نوازشريف جو وزيراعظم جي عهدي تي وڌيڪ رهڻ ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي، نثار کهڙي اعلان ڪندي چيو ته ۲۳ اپريل تي سموري سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ گو نواز گو ڌرڻا هنيا ويندا ۽ ۲٦ اپريل تي ڪراچي ۾ احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو ويندو ۽ جيسيتائين نواز شريف استعيفيٰ نه ڏيندو، تيسيتائين ڌرڻن جو سلسلو جاري رهندو.