ميرپوربٺورو ڀرسان سوزوڪي ڪلٽي، ھڪ فوت، ۳ ڄڻا زخمي


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۷   ميرپور بٺورو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   عدنان سمون  : ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو ويجھو جھوڪ شريف روڍ تي سعيد واهه اسٽاپ وٽ سوزڪي پڪ اپ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائيندي ھيٺ کاھي ۾ ڪري پئي، جنھن جي نتيجي ۾ لونگ ولد خيرو ناڏيهه فوت ٿي ويو ۽ ٽي ڄڻا حاجي ولد بابو رند، حسين ولد ٺارو زنگيجو ۽ غلام حسين ولد عبد الله سولنگي زخمي ٿي پيا آهن، جن کي فوري طور تي تعلقا اسپتال ميرپوربٺورو آندو ويو، جتان حاجي ولد بابو رند کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد روانو ڪيو ويو، جڏنھن ته ٻين زخمين کي ملم پٽي کانپوءِ گھر روانو ڪيو ويو، ٻئي طرف فوتي جو لاش سندس گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ۰۰۲