آصف زرداري پاران ايمانداري تي ليڪچر ڏيڻ قيامت جي نشاني آهي، عدالتي فيصلي کي سياست جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين: چوڌري نثار


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۵۲   لاھور   پرنٽ ڪيو
چوڌري نثار (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ٽيڪسلا: وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڊان ليڪس جي رپورٽ سومر يا اڱاري تي پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته آصف زرداري پاران ايمانداري تي ليڪچر ڏيڻ قيامت جي نشاني آهي، عدالتي فيصلي کي سياست جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، مخالفن جي پاليسي ”کيڏنداسين نه کيڏڻ ڏينداسين“ جي آهي، ڪوبه عدالتي فيصلو ڪنهن جي خواهش موجب ناهي، قانون ۽ آئين موجب هوندو آهي، جمعي ڏينهن ٽيڪسلا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته عدالتي فيصلا عدالتي هوندا آهن، عدالتي فيصلي کي سياست جي ور نه چڙهڻ گهرجي، عدالتي فيصلي تي تبصري لاءِ وڌيڪ عدالتون نه لڳڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ جو فيصلو متفقه آهي، سڀني کي قبول ڪرڻ گهرجي، عدالتي فيصلي کي ٻه ٽن کي تقسيم جو تاثر قرار ڏيڻ صحيح ناهي، وزيراعظم مسلم ليگ جي اڳواڻن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته عدالتي فيصلي کي تقسيم نه ڪيو وڃي، عدالتي فيصلن لاءِ عدالتن ٻاهران عدالتون نه لڳڻ گهرجن، قانون ۽ آئين تي رحم ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ تي اعتماد آهي ته عدالت کي فيصلو ڪرڻ ڏيو، هن چيو ته اسان جا دوست به جي آءِ ٽي جو مطالبو ڪندا هئا، سپريم ڪورٽ جي ۵ ججن جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ دستخط ڪيا آهن، وزيراعظم پاڻ کي پنهنجي خاندان کي عدالت جي سامهون پيش ڪرڻ جي روايت قائم ڪئي، مان پهريان به عمران خان کي چيو هو ته پنهنجي پسنديده آفيسرن جا نالا ڏيو انهن تي جي آءِ ٽي ٺاهينداسين، وزيراعظم لنڊن فليٽس ڪرپشن ڪري ناهن ٺاهيا، جيڪڏهن ٺاهيا هجن ها ته لڪائي ها، هن چيو ته آصف علي زرداري پاران قوم کي صادق ۽ امين جو ليڪچر ڏيڻ ۽ آرٽيڪل ٦۲ ۽ ٦۳ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ قيامت جي نشاني آهي، پاناماڪيس نه ته ڪرپشن جو ڪيس آهي ۽ نه وري سري محل جهڙو ڪيس آهي، وزيراعظم جي خاندان کي ٻيهر ملڪ بدر ڪيو ويو، عدالت مني ٽرائل ڏسڻ چاهي ٿي، آصف علي زرداري جي ان ڳالهه کان اتفاق ڪيان ٿو ته عدالتي فيصلو اڃا اچڻ باقي آهي، هن وقت مٺايون تقسيم ڪرڻ جو وقت ناهي.