نيوسعيدآباد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري قتل


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۴۳   نيو سعيدآباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   رياض ڪيريو  : نيوسعيدآباد: نيوسعيدآباد جي ڳوٺ وزيررند جي رهواسي ميهار رند جي نوجوان ڪنوار ناري شهنازعرف ٻڍي کي ڀائرن ۽ مامي بشير رند مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ڪچي واري علائقي نور ڪيٽي ٻيلي ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ناري کي ڏينهن ڏٺي قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش کي بنا غسل ۽ ڪفن جي دفنائڻ جون تياريون ڪيو پئي ويون ته نور ڪيٽي ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ورتو، جڏهن ته جوبدار پوليس کان فرار ٿي ويا، پوليس لاش کي تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد پهچايو ويو، جتي لاش جو پوسٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ ناري کي قتل ڪرڻ جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ۰۰۲