ڪيٽي بندر: ڀارت ۾ قيد ۲٦ سنڌي مهاڻن جي آزادي لاءِ مظاهرو


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴٦   ڪيٽي بندر   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علي رضا پيروزاڻي  : ڪيٽي بندر: ۱۸ ڊسمبر ۲۰۱٦ تي ڳوٺ محمد رحيم ملاح ڪيٽي بندر جا ۲٦ سنڌي مھاڻا پنهجي ۳ ٻيڙن سميت سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ دوران هندستان ڪوسٽ گارڊ هٿان گرفتار ٿي ويا هئا، جن کي پنج مهينا گذرڻ باوجود به ڀارتي جيل مان آزادي نه ملي سگهي آھي، سندن معصوم ٻچا بک ۾ بيحال بڻجي پاڙي مان اٽو پني پيٽ جي باھ اجهائڻ تي مجبور آھن، مسامات جمڙي آمي رمضان ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جا ڪمائڻ وارا جيل ۾ بند آھن، اسان هن وقت پنهجو ۽ پنهجي ٻچن جو پني پيٽ پارڻ تي مجبور آھيون ۽ اسان جي هن وقت تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي جڏھن ته گرفتار مهاڻن جي آزادي لاءِ وارثن جنگيسر ۾ احتجاج ڪندي حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڀارتي جيلن ۾ بند سندن پيارن کي جلد آزاد ڪرايو وڃي، ٻئي پاسي بند ٿيل مهاڻن جي ڳوٺ جو رستو بند ڪندي ۽ پاڻي هڪ عرب شيخ جي بااثر ڪمدار پاران بند ڪيو ويو، جنهن تي ڳوٺاڻن بااثر ڪمدار جي خلاف احتجاج ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته هڪ مهيني کان بااثرڪمدار پاران سندن رستو بند ڪري رکيو ويو آھي، جيڪو جلد کولرائي ڏنو وڃي، هوڏانهن پاڪستان فشرفوڪ فورم ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ سيد گلاب شاڳ ڊي سي ٺٽو وزيراعلى سنڌ کان گهر ڪئي آھي ته بااثر ڪمدار پاران مسڪين مھاڻن جو بند ڪيل رستو ۽ پاڻي فوري طور کوليو وڃي ٻئي، صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ۰۰۲