نواز شريف هاڻي قانوني، سياسي ۽ اخلاقي حيثيت وڃائي ويٺو آهي، کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: حليم عادل شيخ


 جمو ۲۱ اپريل ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۹۳   ڄامشورو   پرنٽ ڪيو
ڄامشورو ۾ حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پٸي وڃي (تصوير: حيات ميراڻي)

رپورٽ :   علي مراد چانڊيو  : ڄامشورو: پي ٽي آءِ جي سونامي سڀاڻي دادو ۾ اچي رهي آهي، اڳوڻي وفاقي وزير لياقت جتوئي جي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جو وڏو جلسو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ عمران خان جلسي کي خطاب ڪندو، پي ٽي آءِ جي سڀاڻي دادو ۾ ٿيندڙ جلسي جي سلسلي ۾ ڄامشورو ۾ لڳايل استقبالي ڪئمپ جو پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ دورو ڪيو، ان موقعي تي دهل تي استقبالي ريلي پڻ ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي ۽ گو نواز گو جا نعرا هڻندي ڄامشورو ڦاٽڪ تي قائم استقبالي ڪئمپ تي پهتي، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ خطاب ڪندي چيو ته نواز حڪومت پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺي آهي، هاڻي کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، نواز شريف جي آءِ ٽي سامهون اچڻ کانپوءِ پنهنجي قانوني ۽ سياسي اخلاقي حيثيت وڃائي چڪو آهي ۽ گهٽي گهٽي ۾ نواز شريف چور جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن. ان موقعي تي موجود عورتن پڻ نواز شريف چور جا نعرا هنيا. ان موقعي تي رميش ڪمار منگلاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.