عورتن لاءِ اتساهه بڻيل پروفيسر ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو جون ڳالهيون


 آچر ۱۴ مٸي ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۱۵٦   خيرپور   پرنٽ ڪيو
پروفيسر ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو آن لائين انڊس نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي

رپورٽ :   ڪاشف علي ماڪو  : اسان جي سماج ۾ جتي عورتن کي ثانوي حيثيت ڏني ويندي آهي ۽ عام طور تي اهو ئي سمجهو ويندو آهي ته عورت هن معاشري جو هڪ ڪمزور حصو آهي، پر حقيقت ۾ جيڪي عورتون پاڻ سان ڪميٽيٽ هجن ٿيون ۽ معاشري لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو رکن ٿيون انهن جي جاکوڙ ۽ ڪردار کي ڏسي مردن جي سماج ۾ کين تمام گهڻي حيثيت ۽ اهميت ڏني وڃي ٿي، خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو به هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي، جنهن پنهنجي ڀرپور جدوجهد ۽ محنت ذريعي هڪ نه پر ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي، ذاتي زندگي ۾ نجمه نور ڦلپوٽو جو ڪردار عورتن لاءِ اتساهه بڻيل آهي، جنهن کي ڏسي ڪا به ڪمزور عورت پاڻ کي جبل جيڏو مضبوط سمجهي هن ظالم معاشري سان مهاڏو اٽڪائي سگهي ٿي، نجمه نور ڦلپوٽو ڪارو ڪاري تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ دنيا جي پهرين عورت آهي، جنهن کي اهڙو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو ڀٽ ڌڻيءَ جي نالي سان مناسبت رکندڙ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي سوشيالاجي شعبي جي چيئر پرسن پڻ آهي، ان سان گڏو گڏ مختلف موضوعن تي سندس ڪيترائي ڪتاب ۾ شايع ٿي مارڪيٽ ۾ آيل آهن، نجمه نور ڦلپوٽو هڪ ڊگهي عرصي تائين اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندي رهي آهي ۽ هڪ وقت اهڙو به هو جو ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو جا ڪالم پڙهڻ لاءِ پڙهندڙ بيچين نظر ايندا هئا. هن شخصيت تعليم، تحقيق جي شعبي سميت لکڻين ۾ به پاڻ مڃايو آهي ۽ وڏي خوبي نجمه نور ڦلپوٽو جي اها به آهي ته هوءَ سنڌ جي سگهاري شاعره پڻ آهي، سندس شاعريءَ ۾ به حقيقت جي عڪاسي نظر ايندي آهي، ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو ڪيتري عرصي کان لطيف يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي خدمتون سر انجام ڏيندي اچي پئي ۽ ڪجهه وقت لاءِ کيس ٻاهرين ملڪ وڃڻو پيو، جتي هن ڪارو ڪاري جهڙي اهم موضوع تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي، جيڪو وڏو اعزاز آهي، اسين سندس خدمتن کي مڃتا ڏيڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪا پيش ڪري رهيا آهيون. ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو پنهنجي ذاتي زندگي ۽ شخصيت جي حوالي سان ٻڌايو ته سندس ذاتي زندگيءَ جا ڪيترائي ڦهلو پڻ آهن، هوءَ ماءُ، استاد، آرٽسٽ، سوشيالاجسٽ، ڪالم نگار، شاعره جي حيثيت پڻ رکي ٿي، نجمه نور ڦلپوٽو ٻڌايو ته معاشري جا ڪيترا ئي اشو آهن، جن تي نه صرف لکندي آهيان پر انهن جا حل به ڳوليندي آهيان، هن چيو ته آءُ خيرپور سان تعلق رکان ٿي، آءُ پهرين عورت ڊاڪٽر آهيان جنهن پنهنجي زندگي پاڻ ٺاهي آهي، مان پرائمري پرائمري تعليم سائده ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، جيڪو ڳوٺ ڪراچيءَ جي ڊفينس جهڙي حيثيت رکي ٿو جتي منهنجو بچپن گذريو آهي. پنهنجي ادبي جدوجهد جي حوالي سان ڊاڪٽر نجمه نور ٻڌايو ته منهنجا ۳ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جنهن مان چنڊ ۽ اجرڪ تمام گهڻي اهميت حاصل ڪئي آهي، ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو چيو ته ننڍي عمر ۾ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم ۽ اهڙي اهم سبجيڪٽ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ڪارو ڪاري جي رسم سنڌ ۾ صدين کان هلي رهي آهي ۽ ان ڪڌي رسم جي نتيجي ۾ سنڌ جون هزارين نياڻيون بي موت ماريون ويون آهن، ڪارو ڪاري جي خاتمي لاءِ اسين جاڳرتا سيمينار به ڪندا رهيا آهيون، جنهن کان پوءِ مونکي اهو شوق جاڳيو ته ڪارو ڪاري تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي وڃي، جنهن ۾ سخت محنت جي ضرورت هئي، هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ڪارو ڪاريءَ جو خاتمو اچي وڃي، پر واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻاروچن جو. سنڌ ۾ تعليمي صورتحال ۽ عورتن جي تعليم جي حوالي سان ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو چيو ته سنڌ ۾ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تان تعليم جو معيار تباهه ٿي رهيو آهي، تعليم جي تباهي جون ذميوار اهي سڀ ڌريون آهن، جيڪي ان حوالي سان ڪوششون نه ٿيون وٺن، فقط حڪومت تي الزام تراشي ڪرڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو، صنفي تعليم جي حوالي سان ڊاڪٽر نجمه نور چيو ته اسان جي سنڌ ۾ عورتن جي تعليم تي گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو، نياڻين جي تعليم تي وڏو اثر اهو آهي ته هو پاڻ کي هر شعبي ۾ غير محفوظ محسوس ڪري رهيون آهن، معاشري ۾ عورت سان اهڙي قسم جو رويو رکيو وڃي ٿو جو ڪاليجز ۽ يونيورسٽين کان وٺي نوڪري پيشا عورتون پڻ ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار رهن ٿيون ۽ انهن کي مختلف قسمن سان حراسان ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري اسان جو معاشرو اڃان تائين عورتن لاءِ بهتر ثابت ٿي نه سگهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر عورتن جي تعليم پٺتي پئجي رهي آهي. ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو چيو ته هوءَ پنهنجي زندگي ۾ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ڪنهن شخصيت کان متاثر ٿي آهي ته اها شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو آهي، جنهن جو ڪردار نه فقط پاڪستان پر سڄي دنيا جي عورتن لاءِ هڪ ماڊل جي حيثيت رکي ٿو، ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو ڏوراپو ڏيندي چيو ته افسوس آهي جو اهڙي عظيم عالمي ليڊر کي به مردن هٿان شهيد ٿيڻو پيو، هن چيو ته شهيد بي بي دنيا جي اها پهرين عورت هئي جيڪا گهٽ عمر ۾ ڪنهن مسلم ملڪ جي ٻه دفعا وزير اعظم ٿي، پاڻ مثبت انداز فڪر رکندڙ اها عوامي ليڊر هئي، جنهن عوام جون دليون فتح ڪيون، غريب جي نجات جو سهارو بڻي، آمريت جي گهٽيل ماحول ۾ تازي ۽ خوشگوار هوا جو جهونڪو هئي، جمهوريت روشن خيالي ۽ ترقي پسند پاڪستان سندس نصب العين هو، جنهن لاءِ جدوجهد ڪندي آخر پنهنجي زندگي قربان ڪيائين.ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو ”آن لائين انڊس نيوز“ جي پليٽ فارم تان پڙهندڙن کي پيغام ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي نياڻين جي تعليم ڏانهن وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇو ته هڪ نياڻي جي پڙهڻ سان سمورو خاندان پڙهي ٿو، اسان جي معاشري ۾ نياڻين جي تعليم کي گهٽتائي واري حيثيت ڏني وڃي ٿي ان ڪري منهنجو اهو ئي پيغام آهي ته سنڌ مان ڪاروڪاري جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ نياڻين جي تعليم کي عام ڪيو وڃي ته جيئن شروع پيدا ٿي سگهي.