بيلسٽڪ ميزائل جي تازي ڪامياب تجربي ۾ نئين قسم جو راڪيٽ هوا سونگ ۱۲ استعمال ڪيو: اتر ڪوريا


 سومر ۱۵ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۱۲٦   سيول   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سيئول: اتر ڪوريا چيو آهي ته هن آچر تي بيلسٽڪ ميزائل جي تازي ڪامياب تجربي ۾ نئين قسم جو راڪيٽ هوا سونگ ۱۲ استعمال ڪيو آهي. اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري جي رپورٽ مطابق رياست جي اڳواڻ ڪم سونگ ان ان تجربي جو ذاتي طور تي مشاهدو ڪيو ۽ ميزائل جي تياري ۾ حصو وٺندڙ انجنيئرز کي ڀاڪر پائي شاباس ڏني، دفاعي تجزيو ڪندڙن به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اتر ڪوريا جي نئين بيليسٽڪ ميزائل جي حد غير معمولي حد تائين وڌيڪ هئي ۽ ان جي مدد سان ماٺي سمنڊ ۾ واقع آمريڪي فوجي اڏن کي سولائي سان نشانو بڻائي سگهجي ٿو. ماهرن مطابق اتر ڪوريا جي فوج ۴۵۰۰ ڪلوميٽر تائين پنهنجي هدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿي.