سائبر حملو دنيا لاءِ چتاءُ آهي، مارچ ۾ هلندڙ ونڊوز سيڪيورٽي اپ ڊيٽ سان اهو حملو رڪجي وڃي ها: مائيڪرو سافٽ


 سومر ۱۵ مٸي ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۸۸   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ۽ مصنوعات ٺاهيندڙ عالمي ڪمپني مائيڪرو سافٽ چيو آهي ته جمعي تي ٿيل سائبر حملي کي هڪ چتاءَ طور ڏسڻ گهرجي. رينسم ويئر جي ان حملي جي زد ۾ هيل تائين اٽڪل ۱۵۰ ملڪ اچي چڪا آهن. ڪمپني جو چوڻ آهي ته سائبر حملو سياسي قدر ۽ وسيع پيماني تي نقصانن جو سبب حڪومتن طرفان سافٽ ويئر ۾ شامل ڪيل ڪمزوريون آهن، تازي وائرس جو حملو مائيڪرو سافٽ ونڊوز جي هڪ ورزن ۾ موجود هڪ نقص سبب ٿيو آهي، جنهن جي سڀ کان اڳ نشاندهي آمريڪي انٽيليجنس ڪئي هئي، وائرس سبب متاثر ڪمپيوٽر پاڻ کي استعمال ڪندڙن جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان مقصد لاءِ انهن کان ۳۰۰ ڊالر ڀنگ جو مطالبو ڪيو. مائيڪرو سافٽ جي صدر ۽ قانوني سربراهه بريڊ سمٿ هڪ بيان ۾ حڪومتن جي طريقيڪار کي تنقيد جو نشانو بڻايو ته ڪهڙي ريت اهي سيڪيورٽي جي نقصن کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ گڏ ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته اسان سي آءِ اي جي سڀني ڪمزورين کي وڪي ليڪس ۾ ڏٺو آهي ۽ هاڻي اها ڪمزوري اين ايس اي تان چوري ڪئي وئي آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ صارفين کي متاثر ڪيو آهي، مائيڪرو سافٽ مطابق مارچ ۾ هڪ ونڊوز سيڪيورٽي اپ ڊيٽ جاري ڪيو هو، جنهن سان تازي حملي جي مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي ها پر گهڻن صارفين اڃا تائين ان کي پنهنجي ڪمپيوٽر تي هلايو ئي نه. هن چيو ته هاڻي جڏهن سائبر حملا وڌيڪ پيچيده ٿيندا پيا وڃن ته ان صورت ۾ صارفين کي انهن خطرن کان محفوظ رهڻ جو ان کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي ته اهي پنهنجي ڪمپيوٽر سسٽم کي اپ ڊيٽ ڪندا رهن. ٻئي پاسي يورپي يونين جي پوليس يورو پول جمعي تي ٿيل سائبر حملي کي ڏوهه قرار ڏنو آهي، ان حملي ۾ اٽڪل ۱۵۰ ملڪن ۾ ڪمپنين ۽ ماڻهن جي استعمال هيٺ لکين ڪمپيوٽر متاثر ٿيا هئا. ان حملي جا اثر اڃا تائين جاري آهن ۽ متاثر ڪمپيوٽرز جي انگ ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، يورو پول جي مئنيجر راب وين رائيٽ مطابق ان سائبر حملي سبب ۱۵۰ ملڪن ۾ ۲ لک ڪمپيوٽر متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته سائبر حملن جي اڪثريت ۾ واپاري مرڪز ۽ ڪجهه وڏيون فرمون شامل آهن. وين رائيٽ مطابق ان حملي جو ان کان اڳ ڪو مثال نه ٿو ملي. ان حملي ۾ رانسن ويئر نالي سافٽ ويئر ۽ ارٿ وارم نالي وائرس کي گڏائي استعمال ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته ان حملي ۾ ملوث ماڻهن جو في الحال تعين ناهي ٿي سگهيو پر اها ڳالهه واضح آهي ته اهو سائبر حملو مجرماڻو فعل آهي.