چهري تي تِرُ، دولت جي نشاني...!


 اڱارو ۱٦ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۲۱۰   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: جسم تي جيڪي هلڪا ڪارا نشان هوندا آهن، انهن کي عام لفظ ۾ تِر چيو ويندو آهي، اهي پيدائشي به هوندا آهن ۽ وقت سان گڏو گڏ ٺهي به ويندا آهن، انهن ترن تي افسانا، گانا ۽ ڪهاڙيون به لکيون ويون آهن، شاعرن به ترن کي معاف نه ڪيو، انهن به انهن کي حسن جي علامت قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن اهي تِر نجومين ۽ قسمت جو حال ٻڌائيندڙن وٽ پهتا ته انهن ان پٺيان لڪيل قسمت جو حال ٻڌائي ڇڏيو، تِر جو نشان صرف نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ ئي ضروري ۽ اهم جوڳو ناهي، پر اهو اسان جي جسم جي لاءِ به انتهائي اهميت رکي ٿو، عام طور تي تِر سڃاڻپ لاءِ اهم سمجهو ويندو هو، ائين ناهي، ٻيا به کوڙ سارا ڪم آهي، جيڪي اهي ننڍا ننڍا تِر سر انجام ڏيندا آهن، اهي جسم اندر موجود اندرين تبديلين جي به عڪاسي ڪندا آهن، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جسم جي مختلف حصن تي تر جسم جي اندرين خاصيتن کي واضع ڪندا آهن، ائين سمجهو ته اهي جسم جي رپورٽ آهن، اهي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته اندر ڇا هلي رهيو آهي. نجومن جو چوڻ آهي ته کاٻي پاسي تر جو نشان هجڻ وارا ماڻهو شادي کان پوءِ امير ٿي ويندا آهن، کٻي پاسي جي تر وارن ماڻهن جي شادي امير گهراڻي ۾ ٿي سگهي ٿي، واضع ڪندا هلون ته اهو نجومين جو خيال آهي، پر ائين نه ٿئي ته امير گهراڻن جون ڇوڪريون لڳلڻ جي چڪر ۾ توهان پنهنجي مٿي جا وار ئي ڇاڻي ڇڏيو.