سعودي عرب ۾ مڙس رُٺل زال کي پرچائڻ لاءِ محبت جي اقرار نامن، ڪرنسي نوٽن ۽ گلن سان ڪمرو ڀري ڇڏيو


 اڱارو ۱٦ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۱۵۱   رياض   پرنٽ ڪيو
مڙس پاران رٺل زال کي پرچاٸڻ لاءِ ڪمري ۾ رکيل ڪجھ شين جو ڏيک

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : جدا: سعودي عرب ۾ مڙس رٺل زال کي پرچائڻ لاءِ محبت جي مختلف اقرار نامن، ڪرنسي نوٽن ۽ گلن سان سندس ڪمرو ڀري ڇڏيو، جيڪو هڪ اسڪول جي هاسٽل ۾ واقع آهي، مڙس پنهنجي زال جي ڪمري ۾ هر طرف زمين ۽ فرنيچر تي گلن جي گل جون پتيون ۽ ڪرنسي نوٽ وکيري ڇڏيا، ڦوڪڻا ڀتين تي چنبڙائي ڇڏيا ۽ ڪمري جي وچ ۾ پيل هڪ ميز تي قسمين قسمين ڪيڪ رکي ڇڏيا. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪيترن ئي گلدستن جي وچ ۾ هڪ سونو هار رکيو، ان جي ڀر ۾ ئي چمڪندڙ روشنين وچ ۾ هڪ پيغام لکيل هو، هڪعبي ٽي وي چئنل مطابق ان واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي وئي، مقامي تعليمي اختيارين طرفان جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهو شخص ساڳي اسڪول جي پنهنجي سيڪيورٽي اينڊ سيفٽي شعبي جو ملازم آهي ۽ اسڪول بند ٿيڻ بعد پنهنجي گهر واري جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ان کي سينگاري ڇڏيو. واضح رهي ته سعودي عرب ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت ناهي ۽ اهڙي طرح مردن ۽ عورتن کي عوامي ماڳن تي ملڻ جي اجازت ناهي.