ڪڪڙ ڀرسان مفت طبي ڪئمپ، سوين مريضن هيپاٽائيٽس جون ٽيسٽون ڪرايون


 اڱارو ۱٦ مٸي ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۱۰۵   ڪڪڙ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   علڻ ناٸچ  : ڪڪڙ: سي ايم آءِ سنڌ بلقيس رضا ٽرسٽ ۽ ڳوٺاڻن جي سهڪار سان چيف آرگنائيزر ايم رمضان ٻگهيو ۽ ڊاڪٽر رمضان ٻگھيو جي نگراني ۾ هڪ ڏينهن واري مفت هيپاٽائيٽس جي ڪئمپ ڳوٺ ٻورڙي ۾ لڳائي وئي. ڪئمپ ۾ مختف ڳوٺن جا سوين مريض پهتا، ڊاڪٽر اعجاز ملاح، پير منظور چانڍيو ۽ ٻين ڊاڪٽرن پاران ڪئمپ ۾ آيل مريضن جي چڪاس ڪئي، جن مريضن کي هيپاٽائيٽس جي بيماري نه هئي، انهي کي حفاظتي بچاءُ جا ٽڪا لڳايا ويا، ڊاڪٽر اعجاز ملاح چيو ته ۲ هزار جي لڳ ڀڳ مختلف ڳوٺن جا مريض هيپاٽائيٽس جي لڳايل ڪئمپ ۾ پهتا، جنهن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ هيپاٽائيٽس جي ويڪسين ۽ ۵ کان ٦ سو مريضن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن جون رپورٽون ليبارٽي موڪليون ويون، هيپاٽائيٽس جي خاتمي ۽ روڪڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون. صحت عوام جو بنيادي مسئلو آهي، چيف آرگنائيرز ايم رمضان ٻگهيو چيو ته هيپاٽائيٽس جون مفت طبي ڪئمپ لڳائڻ جو مقصد غريب مسڪين ماڻهون هن ڪئمپ مان فائدو حاصل ڪري سگھڻ آهي، انسان ذات جي خدمت ڪرڻ عبادت سمجهان ٿو. ان موقعي تي ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ۽ ايم اين اي عمران لغاري پاران ٻورڙي پهچي لڳايل مفت ڪئمپ جو دورو ڪري ڊاڪٽر کان تفصيل معلوم ڪيا. ۰۰۱