صرف ۱۰ ڊالر، قيمتي هيرو توهان جو


 اربع ۱۷ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۱۰۹   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : آرڪنساس: آمريڪا ۾ هڪ جاءِ اهڙي به آهي جتي معمولي قيمت ڪئي ڪري اتي موجود هيرا ڳولي سگهجن ٿا ۽ اهي مليل هيرا توهان جي ملڪت ٿي وڃي ٿي، ان جاءِ جو نالو آرڪساس ڪريٽر آف ڊائمنڊ اسٽيٽ پارڪ آهي، جتي توهان ۱۰ ڊالر ڏئي هيرا ڳولي سگهو ٿا، توهان هيرا ڳولڻ جو سامان به ڪرائي تي وٺي سگهو ٿا، ان پارڪ ۾ هڪ عورت پنهنجي قسمت آزمائي ۽ ۱۰ منٽن ۾ هي ان کي هڪ هيرو هٿ اچي ويو، جنهن جو وزن ۲.٦۵ قيراط آهي جڏهن ته ان کان اڳ مارچ جي مهيني ۾ اوڪلا هوما جي هڪ شخص اتان ۷.۴۴ قيراط جا هيرا ڳولي لڌا هئا، عورت صرف ۱۰ منٽن ۾ ئي ان هيري کي لڌو، شروع ۾ ته اها ان هيري کي شيشي جو ٽڪرو سمجهي ويٺي هئي، پر جڏهن ان جي ڀيٽ ٻين هيرن جي تصويرن سان ڪئي ته ان کي خبر پئي ته اهو شيشو جو ٽڪرو نه پر هيرو آهي.