ٽماٽر جو استعمال ڪينسر جي مرض کان بچاءُ ۾ فائدي مند ثابت ٿئي ٿو: طبي ماهر


 اربع ۱۷ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۱۹٦   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نيويارڪ: ٽامٽرن ۾ ڪيتريون ئي اهم شيون ملي چڪيون آهن، جيڪي ڪيترن ئي مرضن تي پون ٿيون، پر هاڻي نئين تحقيق مان اها خبر پئي آهي ته ٽماٽر معدي جي ڪينسر کان به بچائي ٿو، ماهرين موجب سڄو ٽماٽو کائڻ سان پيٽ جي ڪينسر جو علاج ۽ بچاءُ ممڪن آهي، آمريڪا ۽ اٽلي جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ۲ قسمن جا ٽماٽر مرزانو ۽ ڪوربارينو نه صرف پيٽ جي ڪينسر کي روڪي ٿو پر ان جي سرطاني خواص کي به گهٽائي ٿو، ٽماٽرن ۾ پهرين به ڪيتريون ئي اهم شيون ڳوليون ويون آهن، فلاڊيلفيا جي ٽيمپل يونيورسٽي ۾ سبارو انسٽيٽيوٽ فار ماليڪيولر ميڊيسن جي سربراهه پروفيسر اينتونيو گيورڊانو پنهجي تحقيقات جرنل آف سيلولر فزيالوجي ۾ شايع ڪرائي آهي، ماهرين موجب معدي جي ڪينسر کي گيسٽرڪ ڪينسر به چيو ويندو آهي ۽ ٽماٽرن ۾ سرخ رنگ ڦهلائڻ ارو هڪ جزو لائسوپين ڪينسر جي خلاف ويڙهه ڪندو آهي.