ڪراچي: ٦ ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم ۲۳ مئي کان شروع ڪرڻ جو فيصلو


 اربع ۱۷ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷۳   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: پوليو جي خاتمي جي ٦ ڏينهن واري مهم ۲۳ مئي کان شروع ڪرڻ جو فيصلو، مهم دوران ۲۲ لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا ۽ مهم ۾ ۱۱ هزارن کان وڌيڪ پوليو ٽيمون حصو وٺنديون. اهڙا فيصلا ڪمشنر ڪراچي جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت جائزي واري اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ڪراچي فرحان غني، سمورا ڊي سيز، ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ صحت کاتي جا اعليٰ عملدار، صحت بابت عالمي اداري يونيسيف، روٽري ڪلب ۽ بل گيٽس اينڊ ملنڊا فائونڊيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رهجي ويل ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ڪميونٽي جي ماڻهن جو سهڪار حاصل ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا ڪميونٽي ۽ والدين سان رابطو مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کڻندي، ڪمشنر چيو ته ڪميونٽي جي ماڻهن جي سهڪار سان مهم کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو.