جاپاني شهزادي عام ماڻهو سان شادي لاءِ شاهي مرتبي تان هٿ کڻي وئي


 خميس ۱۸ مٸي ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۸   ٽوڪيو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ٽوڪيو: جاپان جي شهزادي هڪ عام ماڻهو سان شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجي شاهي مرتبي تان هٿ کڻي وئي آهي. جاپان جي بادشاهه آڪي هيتو جي پوٽي شهزادي ماڪو قانوندان ”ڪي ڪومورو“ سان مڱڻي ڪري ورتي آهي. ڪومورو جاپان جي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرنس آف سي طور به ڪم ڪيو آهي. جاپان جي شاهي قانون مطابق جيڪڏهن ڪا شهزادي ڪنهن عام ماڻهو سان شادي ڪري ٿي ته ان کي شاهي خاندان ۽ مرتبو ڇڏڻو پوندو آهي.