ٽن سالن جي ٻارڙي انسٽاگرام تي ڇانئجي وئي


 خميس ۱۸ مٸي ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۴۵   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: آمريڪي رياست فلوريڊا سان تعلق رکندڙ ٽن سالن جي ٻارڙي اسڪاٽ لارسن پنهنجي منفرد انداز سان سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اسڪاٽ لارسن دنيا جي مشهور شخصيتن جيئن ملالا يوسفزئي، ايما واٽسن، سيلينا گومز ۽ ٽيلر سوئفٽ سميت ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جهڙا ڪپڙا پائي انهن جهڙو انداز اختيار ڪري اهي تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪندي آهي. اسڪاٽ جي والده ايشلي جنڪس لارسن مطابق سندس ڌيءَ هميشه کان ئي مختلف قسم جا ڪپڙا پائڻ ۽ روپ تبديل ڪرڻ جي شوقين آهي ۽ فوٽو شوٽ ڪرائڻ ته هن کي گهڻو پسند آهي. ايشلي ئي پنهنجي ڌيءَ جون تصويرون انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي آهي ۽ مشهور شخصيتن جي پوز جي ڪاپي لاءِ ڪپڙن سميت هر شيءِ جو خيال رکندي آهي.