پاڪستان اندر عورتون اڄ به پٿر جي دور ۾ رهن ٿيون، ڪاروڪاري، سڱ چٽي، پئسن عيوض پوڙهن سان پرڻائڻ عورت جو مقدر بڻيل آهي: ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ


 خميس ۱۸ مٸي ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۲۲۰   سکر   پرنٽ ڪيو
ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ آن لائين انڊس نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي

رپورٽ :   ڪاشف علي ماڪو  : پاڪستان جو آئين هر شهري مرد توڙي عورت سڀني کي برابر جا حق فراهم ڪري هو، زندگي جي سمورن وهنوارن ۾ مردن سان گڏ عورتن کي حصو وٺڻ جو مڪمل حق حاصل آهي، پر ڪي پي ڪي ۽ فاٽا جي مذهبي اثر هيٺ آيل علائقن ۽ سنڌ، پنجاب توڙي بلوچستان جي ڪجهه مخصوص علائقن ۾ ڪجهه مخصوص قبيلا عورتن کان انهن جي آزادي جو حق کسيون ويٺا آهن، ميڊيا ۾ عورتن جي آزادي جي حوالي سان مختلف رپورٽون شايع ٿين ٿيون، ميڊيا جي رپورٽن ۾ واضع ٿئي ٿو ته عورتن کي انهن جا گهربل حق نه ٿا ڏنا وڃن، سکر شهر توڙي اُتر سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ پڙهيل لکيل، ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهن جو شهر سمجهيو وڃي ٿو پر الئجي ڇو هتي سياست توڙي ادب جي ميدان ۾ عورتن جو انگ نه هجڻ برابر آهي، اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول جي سمنڊ ۾ ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ پٿر اڇلائي عورتن کي جاڳائڻ لاءِ حرارت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪري رهي آهي. ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ جو اصل تعلق شڪارپور ضلعي جي لکي غلام شاهه سان آهي. هن مئٽرڪ تائين تعليم لکي مان حاصل ڪئي. جڏهن ته انٽر ۽ گريجوئيشن گرلس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪئي. ايتري پٺتي پيل علائقي سان تعلق باوجود اعليٰ تعليم ۽ وڪالت تائين پهچڻ هڪ وڏو نه صرف سوال پر عام عورتن جي لاءِ اتساهه جو پڻ سبب آهي. ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ اسان سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته عام ماڻهو (هيٺيون طبقو) سياست کان پري هجڻ ڪري وڏيرن ۽ سرمائيدارن جو سياست تي قبضو آهي. جيستائين هيٺيون طبقو سنجيدا ٿي سياست ۾ پير نه وجهندو تيستائين ظالم وڏيرن، جاگيردارن ۽ خانداني سياست ڪندڙ سرمائيدان مان جند آجي ڪرڻ ڏکي آهي. پاڪستان خاص طور تي سنڌ اندر تعليم جي شرح گهٽ هجڻ جو سبب غربت ۽ بيروزگاري کي قرار ڏنو وڃي ٿو واري پڇيل سوال جي جواب ۾ ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ جو چوڻ هو ته “اسان وٽ ماڻهو نوڪري جي مقصد لاءِ تعليم حاصل ڪن ٿا، ماڻهو چون ٿا ته بس مڙئي سڙئي ڊگري حاصل ڪري نوڪري وٺون، جڏهن غير معياري تعليم بعد ڊگري ملڻ باوجود نوڪري نه ٿي ملي ته ماڻهو تعليم کان بيزاري ڏيکارين ٿا، ان لاءِ روزگار خاطر تعليم حاصل ڪرڻ واري سوچ ختم ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته تعليم صرف روزگار لاءِ نه پر دنيا جي وهنوار ۽ زندگي ڍنگ سان گذارڻ جو سليقو سکڻ لاءِ حاصل ڪرڻ گهرجي. نوجوان ڇوڪرين جي گهران نڪري پيار پرڻو ڪرڻ بابت ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ چيو ته والدين ۽ سماج جا رويا ڇوڪرين کي مجبور ڪري اهڙو قدم کڻائين ٿا. سندس چوڻ آهي ته جڏهن مذهب ۽ قانون شادي جي مامري ۾ راءِ جو حق ڏنو آهي ته سماج ۽ والدين کي ڪهڙو حق ٿو پهچي ته اهي پنهنجي اولاد جي ارادن آڏو انا جي ديوار بيهاري ڇڏين؟ “اسانجي سماج ۾ جيڪا عورتٸڇوڪري پنهنجي والدين آڏو پنهنجي پسند جو اظهار ڪري ٿي ته ان کي انتهائي خراب نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ کيس بدچلن جو لقب ڏنو وڃي ٿو، جڏهن سماج ۾ اهڙا رويا موجود هوندا ته بغاوت فطري عمل آهي. ان لاءِ سماج اندر نياڻين جي راءِ کي اهميت ڏيڻي پوندي.” رضوانا ميمڻ چيو ته حڪومتي دعوائن باوجود پاڪستان اندر عورتون اڄ به پٿر واري دور ۾ جيئي رهيون آهن. ڪاروڪاري، سڱ چٽي، پئسن عيوض پوڙهن سان پرڻائڻ اڄ به عورت جو مقدر بڻيل آهي. قانون کي ڪتابن ۾ بند ڪرڻ سان سماج ۾ تبديلي ناهي ايندي، پاڪستان جي آئين ۽ مختلف وقتن تي ڪيل قانونسازي ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ سٺا قانون جوڙيا ويا آهن پر انهن تي عمل جي ضرورت آهي. جيستائين معاشري ۾ عورت محفوظ، خوشحال ۽ پڙهيل لکيل نه هوندي تيستائين سماج اندر ترقي اڻمڪمل هوندي. ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ وڪالت سان گڏ سماجي خدمت ۽ سياست ذريعي خدمت جي قائل آهي، سندس چوڻ آهي ته هوءَ سماجي خدمت سان گڏ سياست ۾ اچي عوام جي خدمت ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي. توڙي جو اسانجي سماج ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورتن جي منزل آڏو پٿر وجهي رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر رضوانا چئي ٿي ته “آئون رڪاوٽن کي ٽوڙي اڳتي وڌڻ ۾ يقين رکان ٿي. ڇو ته سماج جي جاهل طبقن کان ويندي باشعور ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقو سمجهيو ويندڙ وڪيلن وٽ به عورتن بابت ڪا سٺي راءِ ناهي. بار جي سياست ۾ به عورتن کي گهٽ عقل سمجهي سندن حُوصلا شڪني ڪئي ويندي آهي، پر جڏهن اسان همت ڪري ماحول جوڙيونديوسين ته وڪالت جي شعبي ۾ گهڻيون ساريون ڇوڪريون اچي وينديون. جڏهن اسانجي گهڻائي ٿي وئي ته اسانجي اهميت کي ضرور قبول ڪيو ويندو، انڪري آئون بار کان ويندي عوامي سياست ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿي. مونکي يقين آهي ته ڊگهي رات کانپوءِ به سج اڀرڻ اڻٽر هجي ٿو. ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ شڪارپور مان ئي معاشيات ۾ ماسٽر ڊگري ڪئي. وڪيل سان شادي ٿيڻ کانپوءِ مڙس کان متاثر ٿي پاڻ به آغا بدرالدين لا ڪاليج سکر مان قانون جي ڊگري پاس ڪئي ۽ هن وقت هاءِ ڪورٽ سکر ۾ وڪالت ڪري رهي آهيان. رضوانا پنهنجي ذاتي زندگي بابت ٻڌايو ته سياست جي سُتي ننڍپڻ ۾ ئي وارثن پياري هئي. هن چيو ته “منهنجو بابا شفيع ميمڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي پي پي جو بنيادي ڪارڪن ۽ پي پي تعلقي لکي جو جنرل سيڪريٽري رهيو، جڏهن ته امڙ ذليخان ميمڻ به ڪيترائي سال پي پي پي عورت ونگ تعلقي لکي غلام شاهه جي صدر رهي. جيڪي ننڍپڻ ۾ ئي سياسي جلسن ۽ جلوسن ۾ وٺي ويندا هئا. ” رضوانا ميمڻ توڙي جو طبيعتن ماٺيڻي آهي پر هوءِ اندر ۾ احساس رکندڙ عورت آهي. سندس چوڻ آهي ته هڪ عورت ئي عورت جي ڏک ۽ احساسن کي وڌيڪ سمجهي سگهي ٿي. مون سميت اڪثر وڪيلياڻيون مظلوم عورتن جون مفت ۾ ڪيس وڙهنديون آهن. رضوانا ميمڻ پاڪستان جي عدالتي نظام کان توڙي جو مطمئن ناهي ۽ هوءَ عدالتي سرشتي ۾ سڌارن جي خواهشمند آهي پر ان باوجود هوءَ چوي ٿي ته “انگريزن وڏيرن معرفت سنڌ جي ماڻهن تي حڪمراني ڪئي، وڏيرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پوليس جو نظام آندو ويو، وڏڙا ٻڌائيندا آهن ته اڳ وڏيري جي پرچي کانسواءِ پوليس ڪنهن جو ڪيس ئي نه وٺندي هئي، اڄ به پوليس وڏيرن جي ونگار وهي ٿي پر پوءِ به پوليس ۽ وڏيرا جيڪڏهن ٿورو گهڻُ خوف آهي ته عدالتن کان آهي، دير ئي سهي پر ماڻهن کي عدالتن مان انصاف ملي ٿو.” هوءَ انصاف ۾ دير واري عمل ۾ عدالتي نظام سان گڏ وڪيلن کي به ذميوار قرار ڏئي ٿي. سندس چوڻ آهي ته اڪثر وڪيل فيس جي لالچ ۾ ڪيسن ۾ دلچسپي وٺڻ بدران پيا اينگهائيندا آهن، جنهن سبب انصاف جي فراهمي ۾ دير لڳي وڃي ٿي. ايڊووڪيٽ رضوانا ميمڻ وڪالت سان گڏ سماجي خدمت ۽ سياست ذريعي خدمت جي قائل آهي، سندس چوڻ آهي ته هوءَ سماجي خدمت سان گڏ سياست ۾ اچي عوام جي خدمت ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي. توڙي جو اسانجي سماج ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورتن جي منزل آڏو پٿر وجهي رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر رضوانا چئي ٿي ته “آئون رڪاوٽن کي ٽوڙي اڳتي وڌڻ ۾ يقين رکان ٿي.