ڏوڪري: سنڌ جي نامياري سگهڙ ذوالفقار علي کوسو جي طبيعت خراب، علاج مدد جي اپيل


 خميس ۱۸ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۵۸   ڏوڪري   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   عبدالجبار ميمڻ  : ڏوڪري: سنڌ جو ناميارو سگهڙ ۽ سگهڙن جي سرتاج استاد محمد ملوڪ عباسي جو شاگرد سگهڙ ذوالفقار علي کوسو گذريل ڪافي وقت کان وٺي سهڪي مادي جي بيماري ۾ ورتل آهي، جنهن سبب گهر ۾ بيحال پيل آهي، جنهن جي ڪوبه واهر نٿو ڪري. ان سلسلي ۾ هن جي طبيعت خراب هجڻ ڪري جيئن اسپتال پهچڻ وارو هيو ته روڊ تي ڪري پيو، جنهن کي پوءِ ڀر جي دوڪاندار سهارو وٺي سمهاري ڇڏيو، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سگهڙ ذوالفقار علي کوسو چيو ته مان ۱۹۸۰ع کان وٺي سگهڙ آهيان، هينئر سخت بيمار آهيان، منهنجي واهر ڪري مالي مدد ڪئي وڃي، هن نجي ٽي وي چينل کي اپيل ڪئي ته هي منهنجو آواز اقتدار جي ايوانن تائين پهچائن ته جيئن منهنجو علاج ٿي سگهي ۽ مان پنهنجي وري سگهڙائپ سان سنڌ جي تاريخ ۽ واکاڻ سان سنواري سگهان. ۰۰۱