لاڙڪاڻي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف جي يو آءِ ۽ شهرين جو احتجاجي مظاهرو


 خميس ۱۸ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۴٦   لاڙڪاڻو   پرنٽ ڪيو
لاڙڪاڻي جو نقشو (فائيل فوٽو)

رپورٽ :   ظھير ابڙو  : لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف جمعيت علماءِ اسلام ۽ شهرين جو احتجاج، يوسي چيئرمين ۽ مولانا طارق خالد محمود سومرو، محبت علي کهڙو، مولانا حميدالله سيال، مولانا جمال مصطفيٰ تنيو ۽ مولانا محمد الياس چنا جي اڳواڻيءَ ۾ اي سي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسي چيئرمين مولانا طارق خالد محمود سومرو چيو ته لاڙڪاڻي جي اڪثر علائقن ۾ بجليءَ جا ٽرانسفارمر گذريل ڪيترن ئي مهينن کان نه هجڻ باوجود صارفين ڏانهن هزارين رپين جا اوور ريڊنگ بل موڪليا ويا آهن ۽ واپڊا وارا پنهنجي هوڏ تي قائم ۱۸ کان ۲۰ ڪلاڪ بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ ۽ مختلف پاڙن جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيا ٿا وڃن. هن چيو ته بهارپور فيڊر تي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو، وفاقي حڪومت جي اعلان تي عمل ٿيڻ بجاءِ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي، جنهن ڪري عوام جي روز مرهه جي زندگي تمام سخت متاثر ٿي رهي آهي، بهارپور فيڊر سان واپڊا جي زيادتين، هٿرادو بلن ۽ بدترين لوڊشيڊنگ جي ڪري عوام سخت پريشان. ان موقعي تي جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا طارق خالد محمود سومرو چيو ته لاڙڪاڻي جي عوام سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن ۽ لاڙڪاڻي جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اسان جا حڪمران آفيسر بلڪل انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي چڪا آهن، انهن کي غريبن، مسڪينن ۽ مزدورن جي ڪابه پرواهه ناهي، جيڪا شرم جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو ته حڪمران بيان بازي ڪرڻ بدران عملي قدم کڻي ڪري عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته صفائي سٿرائي، بدترين ڪرپشن، بدامني ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ عوام کي مبتلا ڪيو ويو آهي، هن وقت واپڊا پاران روزانو ۲۰ کان ۲۴ ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو ڪاروبار ٺپ ٿيل ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، واڌو بل موڪلڻ سان گڏوگڏ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، وولٽيج گھٽ وڌ ٿيڻ سبب بجليءَ تي هلندڙ سامان سڙي رهيو آهي، واپڊا جون زيادتيون تمام گھڻيون وڌي ويون آهن، شهر جي اڪثر فيڊرن کي ٻهراڙيءَ سان شامل ڪري لاڙڪاڻي واسين سان سراسر ظلم ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ۰۰۱