جوهي: دادو ضلعي جا صحت مرڪز عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، دوائن جي کوٽ


 خميس ۱۸ مٸي ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ٦۰   جوھي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   مشتاق رودناڻي  : جوهي: دادو ضلعي جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ٻهراڙين جي صحت مرڪزن ۾ ڪجھ مهينن کان دوائون جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، صحت مرڪز ساوڙو، ڊرگھ بالا، ٽنڊو رحيم خان سوڌو ضلعي جي ٻين صحت مرڪزن ۾ دوائن جي کوٽ سبب رهواسي پرائيوٽ ڪلينڪن تي علاج ڪرائڻ لڳا، ڊي سي دادو نوٽيس وٺي معاملي جو جاچ ڪري کيس اسپتالن ۾ دوائون ڏنيون وڃن. رهواسي خبر موجب موسم تبديل ٿيڻ ڪري کنگھ، دم، بخار سوڌو ٻين مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، علائقي واسين صحافين اڳيان دانهيدي چيو ته اسان پنهنجي علائقي جي صحت مرڪزن ۾ جڏهن به وڃون ٿا ته اسان کي هتي موجود ميڊيڪل آفيسر دوائن جي مٿان کان کوٽ هجڻ جو چئي واپس ڪري ڇڏين ٿا. هنن چيو ته صحت مرڪزن هڪ پاسي عملي جو کوٽ سبب صحت مرڪز ويران پيل آهن ته ٻئي پاسي دوائون نه هجڻ علائقي واسين سان ناانصافي ڪئي ٿي وڃي. هنن چيو ته صحت مرڪزن ۾ هر مهيني دوائون ملنديون آهن پر عملو صحت مرڪزن تي دوائون نه ٿا رکن. هنن چيو ته اسان فضل الله پيچوهو کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته صحت مرڪزن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جو بايو مئٽرڪ رکرائي وڃي ۽ جوهي تعلقي جي صحت مرڪزن ۾ دوائون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن مريضن کي فائدو ملي سگھي. ۰۰۱