جيڪب آباد ۾ پي پي ايچ آءِ جي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جو پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج


 خميس ۱۸ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۹٦   جيڪب آباد   پرنٽ ڪيو
جيڪب آباد جو نقشو (فائيل فوٽو)

رپورٽ :   محمد موسيٰ چانڊيو  : جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران پي پي ايڇ آءِ ۾ گذريل ۱۰ سالن کان ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي کي پڪو نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به هڪ احتجاجي جلوس پي ايم اي هائوس کان پي ايم اي جي اڳواڻن ڊاڪٽر اي جي انصاري، ڊاڪٽر ڪشور ڪمار، ڊاڪٽر عزيز الله ٽالاڻي، ڊاڪٽر سعيد احمد اوڍاڻو، ڊاڪٽر محمد اسحاق ملڪ، ڊاڪٽر رام چند، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار سنتياڻي، ڊاڪٽر ويرڀان، ڊاڪٽر راج ڪمار، ڊاڪٽر ظفر علي پٺاڻ، محمد صادق بلوچ، برڪت علي بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي مطالبن جي مڃتا جا نعرا درج هئا. مظاهرين شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهتا ۽ ڌرڻو هڻي وهي رهيا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽرن کي پڪو ڪري مراعتون ڏنيون ويون آهن پر سنڌ ۾ ۱۰ سالن کان غريب عوام کي صحت جون سهولتون ڏيندڙ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي کي پڪو نه پيو ڪيو وڃي، جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي. هنن چيو ته پي پي ايڇ آءِ کانپوءِ شروع ڪيل بينظير يوٿ ۽ هيپاٽائيٽس پروگرام جا ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو پڪو ٿي ويو آهي. هنن وزير اعليٰ سنڌ ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي ترت پڪو ڪري انهن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسپتال جي ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا. ۰۰۱