جيڪب آباد ۾ علي محمد عوامي پارٽي جو گوادر واقعي خلاف احتجاج


 خميس ۱۸ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۸۱   جيڪب آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   محمد موسيٰ چانڊيو  : جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ علي محمد عوامي پارٽي پاران گوادر ۾ سنڌي پورهيتن جي افسوسناڪ قتل واري واقعي خلاف ۽ پورهيتن جي وارثن سان اظهار همدردي لاءِ هڪ ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو ويو. انهي موقعي تي دلمراد لاشاري، ڪاشف علي، بابل لهڙي حسين بخش بروهي ۽ رسول بخش پٺاڻ خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن هٿان بي دردي سان قتل ڪيل سنڌي پورهيتن واري واقعي جا جوابدار هن مهل تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. جڏهن ته سنڌي پورهيتن جي قتل تي هن وقت سنڌ جو عوام ۽ اسان وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اسان بلوچستان ۽ وفاقي سرڪار کان گُهر ٿا ڪريون ته سنڌي پورهيتن جي واقعي ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ ٻين صوبن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي پورهيتن ۽ آفيسرن کي تحفظ ڏنو وڃي. ۰۰۱