مشال خان واقعي ۾ پوليس جي ڪارروائي مان مطئمن ناهيون: اقبال خان


 خميس ۱۸ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۱۰۱   مردان   پرنٽ ڪيو
توهين مذهب جي الزام هيٺ قتل ڪيل شاگرد مشال خان جو پيءُ اقبال خان

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : مردان: ولي خان يونيورسٽي ۾ توهين مذهب جي الزام هيٺ قتل ڪيل شاگرد مشال خان جي پيءُ اقبال خان جو چوڻ آهي ته صوبي سوڌو ڳوٺ جا ماڻهو اسان سان گڏ آهن ۽ اهي مشال خان جي چاليهي ۾ ڀرپور نموني سان شامل ٿيندا، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ۲۱ مئي تي مشال خان جو چاليهو آهي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري شامل ٿيندا، اهي اهڙا ماڻهو نه هوندا، جن کي زبردستي آندو ويندو، سندس چوڻ آهي ته مشال خان واقعي ۾ پوليس جي ڪارروائي مان مطئمن ناهيون، جيڪي ماڻهو ڪئميرا ۾ آيا، انهن کي ته پڪڙيو ويو پر اصل ماسٽر مائينڊ کي هٿ به نه پيو لڳايو وڃي، انهن کي گرفت ۾ آندو وڃي ته جيئن حقيقتون وائکيون ٿين.