ايران ۾ صدارتي چونڊن لاءِ اڄ ووٽ وڌا ويندا


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۱٦۱   تھران   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : تهران: ايران ۾ ٻارهين صدارتي چونڊن لاءِ اڄ ووٽ وڌا ويندا. انهن صدارتي چونڊن ۾ موجوده صدر حسن روحاني ۽ مذهبي عالم سيد ابراهيم رئيسي وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي. صدر روحاني ٻيو ڀيرو صدارتي چونڊ وڙهي رهيو آهي. هن پنهنجي حڪومت جي مثبت قدمن جو ذڪر ڪندي ووٽرن کي چيو آهي ته اهي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام ۽ ايران لاءِ ووٽ ڏين. حسن روحاني جو مخالف اميدوار ۵٦ ورهين جو عالم دين ابراهيم رئيسي آيت الله خامنه اي جو ويجهو ساٿي رهي چڪو آهي ۽ کيس خامنه اي جو جانشين تصور ڪيو وڃي ٿو. صدارتي چونڊن سان گڏ ايران جي شهري ڪائونسلن ۽ ڪجهه هنڌن تي پارليامينٽ جي ضمني چونڊن لاءِ پڻ ووٽ وڌا ويندا.