پشاور ۾ هڪ ٻئي پٺيان ۳ ڌماڪا، جاني نقصان نه ٿيو


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۸۳   پشاور   پرنٽ ڪيو
فائل فوٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور: پشاور جي علائقي دادوزئي ۾ بارودي مواد جا ۳ ڌماڪا ٿيا پر انهن ڌماڪن جي نتيجي ۾ ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. رپورٽ مطابق پشاور جي علائقي دادوزئي ۾ ديسي بارودي مواد جا هڪ ٻئي پٺيان ۳ ڌماڪا ٿيا، انهن مان هڪ ٽائيم بم جو ڌماڪو هو. پهريان ڌماڪو رحمان قلعه ۾ ڪسٽم اهلڪار جهانگير جي گهر ٻاهران ٿيو جنهن سان گيٽ کي نقصان پهتو، جڏهن ته ٻئي ڌماڪي ۾ گهر کان ٿورو پري بيٺل گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، ٽيون ڌماڪو پوليس جي گاڏي گذرڻ کانپوءِ ٿيو پر انهن ڌماڪن جي نتيجي ۾ ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. بم ڊسپوزل عملي جو چوڻ آهي ته بارودي مواد جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.