ليونارڊو ڊي ڪيپريو ۽ نينا اگڊل هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۲۲   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪيليفورنيا: هالي ووڊ جي مشهور فلم ٽائيٽينڪ مان شهرت ماڻيندڙ اداڪار ليونارڊو ڊي ڪيپريو ۽ ۲۵ ورهين جي ماڊل گرل نينا اگڊل هڪ ٻئي کان رستا ڌار ڪري ورتا آهن. رپورٽ مطابق هالي ووڊ اداڪار ليونارڊو ڊي ڪيپريو پنهنجي افيئرز جي حوالي سان ڪافي شهرت رکي ٿو، هن جو برازيل جي سپر ماڊل جسل بنچن سان ۵ سالن تائين افيئر رهيو، جنهن جي ناڪامي بعد هن نوجوان ماڊل گرل نينا اگڊل سان قربتون وڌايون پر هاڻي وري ليونارڊو ان عشق ۾ به ناڪام ٿي ويو آهي. رپورٽ مطابق ليونارڊو ڊي ڪيپريو ۽ ۲۵ ورهين جي ماڊل گرل نينا اگڊل کي گذريل هفتي ڪيليفورنيا جي سياحتي هنڌ تي گڏ ڏٺو ويو هو پر اوچتو ٻئي شديد اختلافن سبب هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا آهن. سندن عشق هڪ سال تائين جاري رهيو، هاڻي انهن جي ڌار ٿيڻ جي تصديق سندن ويجهن دوستن پڻ ڪري ڇڏي آهي.