واٽس ايپ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۱۲۷   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نيويارڪ: مشهور ترين ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ استعمال ڪندڙن کي خبر آهي ته جڏهن اهي ڪنهن گروپ چيٽ جو حصو هوندا آهن يا انهن جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو شامل هجن جيڪي سڄو ڏينهن پيغام موڪليندا رهندا هجن ته ان جي نتيجي ۾ ڪجهه اهم ماڻهن جا ميسيجز نظر ۾ اچڻ کان رهجي سگهن ٿا پر هاڻي اهو مسئلو حل ڪيو ويو آهي. ان مسئلي جي حل لاءِ واٽس ايپ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جيڪو اوهان لاءِ چيٽس جو انتظام سولو بڻائي ڇڏيندو. اهو فيچر هلندڙ مهيني جي شروع ۾ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ آزمائش لاءِ پيش ڪيو ويو هو پر هاڻي اهو عام استعمال ڪندڙن لاءِ دستياب آهي. واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق چيٽ کي پِن ڪري سڀ کان مٿي رکي سگهو ٿا، يعني جن ماڻهن جي چيٽ کي پِن ڪيو ويندو، اهي هميشه ميسيجز لسٽ ۾ مٿي نظر ايندا پوءِ کڻي ٻين ماڻهن جا تمام گهڻا ميسيج ئي ڇو نه اچي رهيا هجن.