عرفان خان ناول ”موٿ سموڪ“ تي ٺهندڙ فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندو


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۱٦   ڪراچي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: پاڪستاني ناول نگار محسن حامد جي پهرين ناول ”موٿ سموڪ“ تي فلم ٺاهڻ جو ارادو ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ بالي ووڊ اداڪار عرفان خان مک ڪردار ادا ڪندو. رپورٽ مطابق ان فلم جون هدايتون آصف ڪپاڊيا ڏيندو، جنهن آسڪر ايوارڊ يافته ڊاڪيومينٽري فلم ”ايمي“ به ڊائريڪٽ ڪئي هئي. فلم موٿ سموڪ عرفان خان دراشيڪوه شهزاد نالي همراهه جو ڪردار ادا ڪندو جيڪو پنهنجي امير دوست اورنگزيب جي لاهور منتقل ٿي وڃڻ کانپوءِ مالي بحران جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جنهن کانپوءِ دراشيڪوه شهزاد پنهنجي دوست اورنگزيب جي گهرواري سان افيئر شروع ڪري ٿو. فلم جي ڪاسٽ لاءِ اڃا تائين ڪنهن ٻئي اداڪار کي نه چونڊيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه مهينن ۾ ڪاسٽ مڪمل ڪئي ويندي. ان حوالي سان اداڪار عرفان خان جو چوڻ هو ته ”مان ڪڏهن کان اهڙي ڪنهن پراجيڪٽ جو انتظار ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ مان آصف سان ٻيهر ڪم ڪري سگهان، ان ڪهاڻي اسان ٻنهي کي متاثر ڪيو، اميد آهي ته ان فلم کي ان دور جي حوالي سان ئي ٺاهيو ويندو.“ واضح رهي ته آصف ڪپاڊيا ۽ عرفان خان ۲۰۰۱ع جي فلم ”دي واريئر“ ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن. اڃا تائين اهو فيصلو نه ڪيو ويو آهي ته فلم جي شوٽنگ هندستان يا پاڪستان ۾ ڪهڙي هنڌ تي ڪئي ويندي. ان فلم جي پروڊيوسر ديتا دتاڻي آهي.