ڪلڀوشن ياديو وٽ موت جي سزا خلاف اپيل لاءِ اڄ آخري ڏينهن آهي


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۵۸   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: پاڪستان ۾ موت جي سزا ٻڌايل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو وٽ موت جي سزا خلاف اپيل جو اڄ آخري ڏينهن آهي. رپورٽ مطابق ڪلڀوشن وٽ سزا خلاف ۴۰ ڏينهن جي اپيل جو مدو ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ اڄ ان جو آخري ڏينهن آهي. واضح رهي ته ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي جنهن کانپوءِ ڀارت ان سزا خلاف عالمي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن سزا تي عارضي طور تي عمل روڪي ڇڏيو آهي.