مالاڪنڊ ڊويزن ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ۷ ارب رپين جا فنڊ جاري


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۳۴   پشاور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : پشاور: خيبر پختونخوا حڪومت مالاڪنڊ ڊويزن ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ۷ ارب رپين کان وڌيڪ جي فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي. خابرو اداري ٽوئر ارزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ڪي پي ڪي جي حوالي سان خبر ڏيندي ٻُڌايو آهي ته صوبائي حڪومت سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان مقصد لاءِ ۷ ارب رپين جا فنڊز مخصوص ڪيا ويا آهن، جنهن سان مالاڪنڊ ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ هوٽل انڊسٽري، واپار ۽ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ملندي.