فلم ”سچن اي بلين ڊريم“ پنهنجي والد ۽ ڀاءُ جي نالي ڪرڻ چاهيان ٿو: سچن ٽنڊولڪر


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۲۹   ممبٸي   پرنٽ ڪيو
سچن ٽنڊولڪر

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ممبئي: اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر جو چوڻ آهي ته سندس زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم ”سچن اي بلين ڊريم“ هو پنهنجي والد ۽ ڀاءُ جي نالي ڪرڻ چاهي ٿو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب هن جو چوڻ آهي ته مون کي قومي ڪرڪيٽر ۾ اهم شخصيت بڻائڻ ۾ منهنجي والد رميش ٽنڊولڪر ۽ ڀاءُ اجيت ٽنڊولڪر جو اهم ڪردار آهي ۽ قوم کي اهو ڄاڻڻ ضروري آهي. فلم ۲٦ مئي تي سئنيما گهرن ۾ رليز ٿيندي.