سڪرنڊ ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ ڪامياب شاگردياڻين لاءِ شاندار ايوارڊ تقريب منعقد


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۱۰۰   سڪرنڊ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   مشتاق احمد سولنگي  : سڪرنڊ: گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ون سڪرنڊ جي ڪامياب شاگردياڻين کي سندن حوصله افزائي لاءِ اسڪول جي آڊيٽويرم هال ۾ شاندار ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پوزيشنون حاصل ڪندڙ نياڻين کي ايوارڊ ڏنا ويا ان موقعي چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالله ڏاهري چيو ته اسان وٽ استاد پڙهائڻ جي سگھ ۽ ڏانو رکن ٿا پر بدقسمتي سان انهن کان ڪم ورتو نه ويو آهي، بايوميٽرڪ سسٽم کانپوءِ ڪافي بهتري آئي آهي ۽ آئنده وڌيڪ بهتري نظر اچي پئي، هن چيو هي گرلز اسڪول ضلعي جي بهترين اسڪولن ۾ شمار ٿئي ٿو، هتي جون شاگردياڻيون ۽ ماسترياڻيون خلوص دل سان محنت ڪري رهيون آهي، سندن محنت کي ڏسي مون کين ضلعي اندر ايوارڊ لاءِ سليڪٽ ڪيو هو، هن ان ڳالھ کي پڻ مڪمل رد ڪيو ته بايو ميٽرڪ عملي تي استادن کي هراسان ڪرڻ جو تاثر ڏنو وڃي ٿو، اسان استادن کي هراسان نه بلڪه سندن ٻانهن ٻيلي آهيون، ڊپٽي ڊي او قربان راهو چيو ته سرڪاري اسڪول بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جو مثال اڄ هن اسڪول جي ڪارڪردگي ٻڌائي رهي آهي، ان کان اڳ اسڪول جي هيڊ مسٽريس ميڊم نجمه اقبال کوسو آيل مهمانن کي آجياڻي جا لفظ چئي کين اسڪول جي مسئلن بابت آگاهي ڏني ايوارڊ تقريب کي سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو، ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي وائيس چيئرمين نور احمد لاکو، سي ڊي ايف جي چيئرمين عبدالحميد آرائين، يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت جي صدر قاضي جاويد سنائي ۽ ٽي او فيميل آپا شازيه گلشن آرائين پڻ اسڪول جي ڪارڪردگي تي ڳالهايو تقريب دوران آيل مهمانن کي سنڌ جي روايت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا پروگرام جي پڄاڻي تي ڪامياب ۽ پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگردياڻين کي آيل مهمانن هٿان ايوارڊ ڏياريا ويا تقريب ۾ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو جن ڀرپور پروگرام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو شاگردياڻين پاران تعليمي حالات ۽ قومي نغمن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا پروگرام۾ شاھ محمد ڪيريو، مراد علي ملاح ۽ ڪاشف رضا سيال پڻ موجود هئا ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين رئيس نور احمد لاکو اسڪول لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جي ڪولر، اسٽريٽ لائيٽس ۽ بونڊري وال ٺھرائي جو اعلان پڻ ڪيو.