آمريڪا سان ڳجهي ڄاڻ جي ڏي وٺ تي فڪرمند ناهيون: سعودي عرب


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۳۷   رياض   پرنٽ ڪيو
سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : رياض: سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو آهي ته ان جو ملڪ آمريڪا سان انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ جي حوالي سان فڪرمند ناهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دؤري کان اڳ رياض ۾ صحافين سان ڳالهائيندي الجبير جو چوڻ هو ته هو آمريڪا سان وڏي پيماني تي ڳجهي معلومات جي ڏي وٺ ڪندا آهن. هن اها ڳالهه ان اسڪينڊل جي تناظر ۾ چئي جنهن موجب آمريڪي صدر انتهائي ڳجهي معلومات جي روسي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ ڏي وٺ ڪئي هئي. آمريڪي صدر پنهنجي ان قدم جو دفاع ڪيو آهي.