ليمون ڪينسر سميت ڪيترن ئي بيمارين کان بچاءُ لاءِ فائديمند آهي: صحت جا ماهر


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۱۴۲   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نيويارڪ: آمريڪي صحت ماهرن چيو آهي ته ليمون ڪينسر سميت ڪيترن ئي بيمارين کان بچاءُ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي صحت جي شعبي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ليمن جي کلن جواستعمال انساني جسم جي ڪينسر سميت ٻين بيمارين کان بچائيندو آهي. ڪيترين ئي دوائن ۾ ليمن جون کلون استعمال ٿينديون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ليمي ۾ ڪوليسٽرول گهٽائڻ ۽ مدافعي نظام کي بهتر بڻائڻ جون صلاحيتون هونديون آهن. ليمي جي کل ۾ موجود ليمونائڊز ۽ فلونائيڊز سبب ڪينسر جي سيل جي واڌ ويجهه رڪجي ويندي آهي. ماهرن مطابق تحقيق مان معلوم ٿيو ته آهي ته ليمي جون کلون دل جي تڪليف کان بچاءُ لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهن ٿيون.