اٻارڻ کانسواءِ کير پيئڻ سان پيٽ جي بيمارين جو خطرو ۹٦ سيڪڙو وڌي ويندو: آمريڪي ماهر


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۱۱۸   نيويارڪ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نيويارڪ: آمريڪا جي ماهرن چيو آهي ته کير کي اٻارڻ کانسواءِ پيئڻ سبب پيٽ جي بيمارين جو خطرو ۹٦ سيڪڙو وڌي ويندو آهي. يونيورسٽي آف پنسلوينيا جي ماهرن طرفان ڪيل تجديد تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته ڪچو کير پيئڻ سان صحت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ کير کي اٻاري پيئڻ جا ڪيترائي فائدا آهن. ڪچي کير ۾ اهڙا بيڪٽريا هوندا آهن جيڪي فوڊ پوائزنگ جو سبب بڻجندا آهن. کير کي اٻارڻ کان سواءِ استعمال ڪرڻ سبب ان ۾ موجود بيڪٽيريا وڌيڪ سرگرم ٿي ويندا آهن، جنهن سبب پيٽ جي بيمارين جو خطرو ۹٦ سيڪڙو وڌي ويندو آهي.