نيٽو طرفان ترڪي جي هوائي حدن جي حفاظت لاءِ قدم ناڪافي آهن: مولود جاوش اولوا


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۲۹   برسلز   پرنٽ ڪيو
ترڪي جو پرڏيهي وزير مولود جاوش اولوا

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : برسلز: ترڪي جي پرڏيهي وزير دفاع اتحاد نيٽو طرفان ترڪي جي هوائي حدن جي حفاظت لاءِ هن وقت تائين قدمن کي ناڪافي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزير مولود جاوش اولوا اها ڳالهه برسلز ۾ ٿيل نيٽو جي هڪ اهم اجلاس کان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي انٽرويو ۾ چئي. نيٽو جو اهو اجلاس ايندڙ هفتي ٿيندو. واضح رهي ته نيٽو جي ميمبر ملڪن طور ترڪي جي ٻين رياستن سان خاص طور تي جرمنيءَ سان لاڳاپن ۾ تازن مهينن ۾ ڇڪتاڻ آئي آهي.