هاڪي ورلڊ ڪپ ڪواليائر ٽورنامينٽ ۱۵ کان ۲۵ جون تائين لنڊن ۾ کيڏيو ويندو


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۳۱   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: هاڪي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ٽورنامينٽ ۱۵ کان ۲۵ جون تائين لنڊن ۾ کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ۾ هيٺيون ٽيمون حصو وٺنديون: پاڪستان، ڀارت، انگلينڊ، چين، ارجنٽائن، هالينڊ، اسڪاٽ لينڊ، ملائيشيا، ڪينيڊا ۽ ڏکڻ ڪوريا شامل آهن. انهن ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. پاڪستاني ٽيم جو ۱۵ جون تي پهرين ميچ ۾ هالينڊ سان مقابلو ٿيندو. ٻي ميچ ۱٦ جون تي ڪينيڊا ۽ ٽين ۱۸ تي ڀارت ۽ چوٿين ميچ ۹ جون تي اسڪاٽ لينڊ خلاف کيڏندي.