تربت ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، خيرپور واسي ۳ پورهيت قتل


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ۴۵   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : تربت: بلوچستان جي علائقي تربت ۾ هٿياربندن وڌيڪ سنڌ جي ٽن پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. تربت جي علائقي هوشاب ۾ روڊ جي اڏاوت تي ڪم ڪندڙ پورهيتن مٿان هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ۳ پورهيت قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پورهيت کي تربت اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب ٽنهي پورهيتن کي مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته سندن تعلق خيرپور سان آهي. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري علائقي کي ڪڙو چاڙهي هٿياربندن خلاف سرچ آپريشن ڪيو.