بلوچستان ۾ سنڌي پورهيتن کي قتل ڪرڻ هڪ سازش آهي: بلاول ڀٽو


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۹٦   ڪراچي   پرنٽ ڪيو
پ پ پ چيٸرمين بلاول ڀٽو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، گوادر ۾ نوشهروفيروز جي ۹ پورهيتن جي قتلام کانپوءِ تربت ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ وڌيڪ بيگناهه مزدورن کي قتل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ پ چيئرمين بلوچستان ۾ سنڌ جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ پورهيتن جي شهادتن تي تمام گهڻي ڏک جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته قتل جون ڄاڻايل وارداتون هڪ سازش ٿي سگهن ٿيون، جنهن کي ٻنهي صوبن جو عوام ناڪام بڻائيندو. بلاول ڀٽو زرداري متاثر ڪٽنبن سان همدردي توڙي ايڪي جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، لاهور سٽي، بکر ۽ شيخوپوره جي ٻن ضلعن سميت شيخوپوره سٽي لاءِ هيٺيئن عهديدارن جي نالن جي منظوري ڏني آهي. لاهور سٽي لاءِ عزيز رحمان چن کي صدر ۽ محمد اسحاق کي جنرل سيڪريٽري، ضلعي شيخوپورا لاءِ جاويد احمد ڊوگر کي صدر ۽ عثمان نثار پنون کي جنرل سيڪريٽري، شيخوپورا سٽي لاءِ نعيم عباس نقوي کي صدر ۽ غلام عباس کي جنرل سيڪريٽري، جڏهن ته ضلعي بکر لاءِ اعجاز احمد شاهاڻي کي صدر ۽ انصار چيما کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پ پ پ چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو پاران نون عهديدارن جي مقرري جو نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.