تعليم کاتي ۾ پئسن جي گهٽتائي ناهي پر پئسن کي صحيح استعمال ڪرڻ جو معاملو اهم آهي: عبدالعزيز عقيلي


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۶ ڏينھن پھريان     ٦۹   لاڙڪاڻو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ظھير ابڙو  : لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري عبدالعزيز عُقيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ۵ هزار اسڪول بند هجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر اسان جڏهن حالتن جو جائزو ورتو ته ۴۲۰۰ اسڪول بند مليا جن مان ۲ هزار اسڪولن کي کولرايو ويو آهي ۽ هينئر اونهاري جي موڪلن کان پوءِ باقي بند پيل سمورا اسڪول کولرايا ويندا. هن چيو ته تعيلم کاتي ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن ان ڪري سخت انتظامي پاليسي شروع ڪرڻ جو رٿيو هو پر ان کان اڳ معاملن جو آفيس ۾ ويهي جائزو وٺڻ بدران دورا ڪري حقيقتون معلوم ڪرڻ جو رٿيو، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ ۽ عمارتن جي زبون حاليءَ جون شڪايتون آهن، انهن شڪايتن کي ختم ڪرڻ کان اڳ ڏسڻو اِهو آهي ته ڄاڻايل اسڪولن ۾ شاگردن جو تعداد ڪيترو؟ ۽ استادن جو تعليمي معيار توڙي حاضري ڪيتري آهي؟. هن چيو ته تعليم کاتي ۾ پئسن جي گهٽتائي ناهي پر پئسن کي صحيح استعمال ڪرڻ جو معاملو اهم آهي. هن ٻڌايو ته صوبي ۾ پڄاڻي تي پهچندڙ مالي سال دوران ۵ ارب روپيا اسپيسيفڪ بجيٽ ڏني وئي جنهن جو مقصد اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون پئدا ڪرڻ هو پر اُها رقم ۱۰ سيڪڙو به خرچ نه ڪئي وئي جنهن ڪري ان رقم جو اڌ حصو هاڻ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرز جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيئن جلد رقم مان سهولتون ڏياري سگهجن. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال اسڪولن جي مرمتي ڪم لاءِ ۷۵۰ ملين الڳ رقم مختص ڪئي وئي هئي پر اُها به خرچ نه ڪئي وئي. سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعليٰ جي هدايتن تحت نيون پاليسيون جوڙيون پيون وڃن جنهن تحت ڪنهن به استاد جي سال اندر ضرورت آهر صرف هڪ ڀيرو بدلي ٿيندي. ڪنهن به استاد کي ٻهراڙي جي وڌيڪ شاگردن واري اسڪول مان شهر جي گهٽ شاگردن واري اسڪول ۾ بدلي نه ڪيو ويندو. ڀرتي وقت جڙيل پاليسي مطابق ڪنهن به استاد کي رعايت نه ڏني ويندي ۽ انهن کي ساڳي ئي اسڪولن ڏانهن واپس موڪليو ويندو. اسان جو فوڪس ٻار آهن جنهن لاءِ سڀ ڌريون اسان جي مدد ڪن. هن چيو ته استادن کي تربيت ڏيڻ لاءِ تعلقي سطح تي تربيتي پروگرام رٿيا ويا آهن جنهن جي شروعات اونهاري جي هنن موڪلن ۾ ٿيندي. هن ٻڌايو ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ هيڊ ماسترن جو تعداد هڪ هزار کان وڌيڪ آهي ۽ سڀني اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته شهدادڪوٽ اندر پبلڪ اسڪول جي تعمير وارو منصوبو تمام وڏو آهي جيڪو گذريل پنج سالن کان رولڙي جو شڪار هو جنهن جو ڪم تيز ڪرايو ويو آهي ۽ ڊسمبر ۾ سمورو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرائي جنوري ۲۰۱۸ع ۾ اسڪول ۾ تدريسي عمل شروع ڪرايو ويندو. هن چيو ته استادن جا جائز مسئلا حل ڪنداسين، استاد اسان جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته استاد تعليم جي بهتريءَ لاءِ اسان سان گڏ بيهن جنهن تي اسان مٿان سندن احسان ٿيندو. نه ته سرڪار طئي ڪيو آهي ته هر صورت ۾ ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪا به طاقت اسان کي روڪي نه ٿي سگهي. هن چيو ته تعليم کاتي ۾ ۸ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ ۲۵ اسسٽنٽ انجنيئر ڀرتي ڪيا ويا آهن، اُهي ڀرتيون نج ميرٽ تي ڪيون ويون جنهن لاءِ شرط رکيو ويو ته اسان کي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته تعليم کاتي ۾ بائيو ميٽرڪ ۽ مانيٽرنگ جو نظام شروع ڪيو ويو پر ان لاءِ ڪا پاليسي نه جوڙي وئي هئي جيڪا هاڻ اسان جوڙي رهيا آهيون. هن چيو ته پرائيوٽ اسڪولن جي معاملي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن سال پرائيوٽ اسڪولن جي سينسز شروع ڪنداسين. سمورن معاملن جو جائزو وٺي پرائيوٽ اسڪولن لاءِ نئين پاليسي ٺاهينداسين.