غداري ڪيس: عدالت پرويز مشرف جي ملڪيتن جا تفصيل گهري ورتا، ٻڌڻي ۱۸ جولاءِ تائين ملتوي


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۵۸   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
پرويز مشرف

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت پرويز مشرف جي ملڪيتن جي تصديق ٿيل تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته تفصيل نه مليا ته لاهور جو ڊي ايڇ اي ۽ ڪراچي ڪي ڊي جيز پيش ٿين، جڏهن ته پراسيڪيوٽر جي مقرري خلاف داخل شهري شاهد اورڪزئي جي درخواست رد ڪري ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ۱۸ جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جمعي ڏينهن سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ خصوصي عدالت جي ٽه رڪني بينچ ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته درخواست گذار جي وڪيل اڪرم شيخ ۽ پرويز مشرف جي وڪيل چوڌري فيصل ۽ مشرف جي وطن واپسي تي سيڪيورٽي ڏيڻ بابت درخواست ڏيندڙ وڪيل اختر شاهه پيش ٿيا، جڏهن ته پرويز مشرف جي وڪيل فروغ نسيم عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، ٻڌڻي جي آغاز تي درخواست گذار پرويز مشرف جي وطن واپسي بابت درخواست تي جواب جمع ڪرائيندي چيو ته مشرف کي وطن واپسي تي فول پروف سيڪيورٽي ڏني ويندي وڪيل اختر شاهه جو وڪالت نامو شڪي آهي، مشرف جون ٽي ملڪيتون ڪنفرم ٿي چڪيون آهن، ٽوٽل ۷ ملڪيتون هيون، ڊي ايڇ اي لاهور ۽ ڪراچي اڃا تائين اسان جي سوال جو جواب ناهي ڏنو، ان تي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ان حوالي سان اسان حڪم جاري ڪنداسين، پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه موقف اختيار ڪيو ته منهنجو موڪل خصوصي عدالت جي مڪمل عزت ڪري ٿو، پرويز مشرف عدالت ۾ ٿيڻ چاهي ٿو، بچاءَ واري وزارت کي درخواست ڪئي وڃي ته اها سيڪيورٽي فراهم ڪري، مان ۱ مارچ تي دبئي ويس مشرف سان ملاقات ڪئي ۽ واپس ايندءُ يا نه توهان جي درخواست ۽ جوابدار جي رويي جي تعريف ڪريون ٿا ته اهو عدالت جي عزت ڪري ٿو، توهان مهرباني ڪري پنهنجي درخواست تي دليل ڏيو، مشرف هن وقت دبئي ۾ عارضي طور تي رهائش پذير آهي ۽ پاڪستاني عدالتن جي عزت ڪري ٿو، هو واپس اچڻ چاهي ٿو پر ڇا هن کي قانون موجب نظر بند ڪندا يا ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪيو ويندو، ان تي جسٽس آفريدي چيو ته اسان توهان جي درخواست کي سمجهون ٿا ڇا عدالت هن جا وارنٽ معطل ڪري سگهي ٿي، ڇا جوابدار کي حاضري جي بغير ڪو ريليف ڏئي سگهجي ٿو، ڇا عدالت اٽيچمنٽ آرڊر معطل ڪري سگهي ٿي، جوابدار جا وارنٽ معطل ڪرڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته قانون واضح آهي ته اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون، جوابدار جي بنيادي حق هن وٽ آهن آرٽيڪل ۵ توهان وٽ آهي، توهان پنهنجا نقطا ڇو نه ٻڌائي رهيا آهيو، ان تي اختر شاهه چيو ته مون کي ان معاملي ۾ وڌيڪ وقت ڏيو ته جيئن ان حوالي سان تياري ڪري اچان ۽ قانون موجب دليل ڏئي سگهان، ان تي اڪرم شيخ چيو ته اختر شاهه ڪيس جي شروعات ۾ ان ڪيس ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست به ڏني هئي، هن پنهنجي هڪ پارٽي بڻائي رکي آهي، پاڪستان جسٽس پارٽي ان بنياد تي ڌر بڻجڻ جي درخواست ڏني هئي، اختر شاهه جو وڪالت نامو ظاهري طور تي جعلي لڳي ٿو، ان تي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته خصوصي عدالت جوابدار جا وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي، ان درخواست تي توهان کي پهريان به وقت ڏئي چڪا آهيون، پر توهان ڪو به اطمينان بخش جواب ناهي ڏنو، اڪرم شيخ چيو ته جيڪو شخص مفرور هوندو آهي اهو تحفظ جو حق وڃائي ويهي ٿو، فوجداري قانون موجب جيڪو ڀاڳيلو آهي ان کي عدالت جي سامهون پيش ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن عدالت ائين ڪري ٿي ته جوابدار کي تحفظ ڏيارڻ جو حڪم ڏئي ته ان تي قانون کي ڏسڻو پوندو، قانون موجب جيڪڏهن ڀاڳيلي لاءِ ڪو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو ته ان جو وڪالت جو لائسنس معطل ٿي وڃي ٿو، ان تي جسٽس آفريدي چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي جوابدار جي بيماري سبب معطل نه ٿي ڪري سگهجي، قانون هن عدالت کي مينڊيٽ ڏنو آهي ته ٻڌڻي جاري رکي، اڪرم شيخ چيو ته هن ڪيس جو ٽرائل مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي فيصلو اچڻو آهي، ان ڪيس ۾ گواهيون ٿيڻ کانپوءِ ۳۴۲ جو بيان ٿيڻو هيو، جيڪڏهن جوابدار نه ٿو اچي ته اهو تحريري بيان ڏئي سگهي ٿو، مشرف تسليم ڪيو آهي ته ان آئين ٽوڙيو ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي، جوابدار کي ڪا به شيءِ سرنڊر ڪرڻ کان نه ٿي روڪي سگهي، مفرور جوابدار ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، پنهنجي شرطن، جوابدار کي اڳوڻي صدر هجڻ جي ناتي هن کي سيڪيورٽي ڏني وڃي، جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ شرط نه ٿو رکي سگهي، شاهد اورڪزئي جي پراسڪيوٽر اڪرم شيخ بابت درخواست جي ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس آفريدي شاهد اورڪزئي کان پڇا ڪئي ته توهان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئين ڪري سگهون ٿا، شاهد اورڪزئي چيو ته منهنجي درخواست جي ٽائٽل تي لکيل آهي ته سيڪشن ۹۲ تحت ٻڌڻي ڪري سگهجي ٿي، ان تي جسٽس آفريدي چيو ته ڇا ان هن عدالت کي اهو اختيار آهي ته درخواست جي مقرري کي ختم ڪري ڇڏي، شاهد اورڪزئي چيو ته درخواست گذار وزيراعظم جو ويجهو دوست ۽ هن جو ليگل ڪنسلٽنسٽ آهي، جسٽس آفريدي چيو ته توهان کي ان ۾ ڪو ريليف نه ٿا ڏئي سگهون، توهان لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪريو، شاهد اورڪزئي چيو ته آئين موجب هن اهم ڪيس ۾ حڪومت چوائس جو وڪيل مقرر نه ٿي ڪري سگهي، جسٽس آفريدي چيو ته اسان هن درخواست جي قابل سماعت ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت فيصلو ڏينداسين، پرويز مشرف جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته مون کي اڪرم شيخ صاحب جي درخواست گذار طور مقرر تي ڪو اعتراض ناهي، ان کان پوءِ عدالت تحريري حڪم نامو جاري ڪندي پرويز مشرف جي ملڪيتن جي تصديق ٿيل تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته تفصيل نه آئي ته ڊي ايڇ اي لاهور ۽ ڪراچي ڪي ڊي جيز پيش ٿئي، جڏهن ته پراسيڪيوٽر جي مقرري خلاف داخل شهري شاهد اورڪزئي جي درخواست رد ڪري ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ۱۸ جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.