سپريم ڪورٽ ۾ ناري سان زيادتي واري ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار ڊي ايس پي جي ضمانت رد، گرفتار


 جمو ۱۹ مٸي ۲۰۱۷    ۴ مھينا پھريان     ۱۰۲   لاھور   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لاهور: ناري کي شادي جو آسرو ڏئي ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ ڊي ايس پي جي سپريم ڪورٽ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جوابدار کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي جسٽس منظور احمد ملڪ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جوابدار ڊي ايس پي محمد اعظم جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جوابدار جو موقف هو ته هن جي خلاف راحت نالي ڇوڪري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو ڪوڙو الزام مڙهيو ويو آهي، تنهنڪري هن جي ضمانت منظور ڪئي وڃي، ڇوڪري پاران ايڊووڪيٽ آفتاب باجوا ٻڌايو ته جوابدار هڪ ڪيس جي جاچ دوران ڇوڪري کي گهرائي ڪري شربت ۾ نشو ملائي پياري ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو، هن کانپوءِ هو هن شادي جو آسرو ڏئي ڪري گهرائيندو رهيو، عدالتي حڪم تي آرپي او گوجرانوالا رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته جوابدار جاچ ۾ گناهگار ثابت ٿيو آهي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدار جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن تي هن کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو.